Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر نگرانن ۽ ذميدارن سميت ربيع الاول شريف ۾ خصوصيت سان گهٽ مان گهٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪن ۽ اسلامي ڀينرون ۳۰ ڏينهن تائين روزانو گهر جي اندر (صرف گهر وارن ۾) فيضانِ سنت جو درس جاري ڪن ۽ وري آئنده به روزانو جاري رکڻ جي نيت ڪن.

 لُوٹنے رَحمتیں قافِلے میں چلو

سیکھنے سُنَّتیں قافِلے میں چلو

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۶۶۹)

 پنهنجي مسجد، گهر، دڪان، ڪارخاني وغيره تي ١٢ عدد نه ته گهٽ مان گهٽ هڪ عدد سبز سبز جهنڊو ربيع الاول شريف جي چنڊ رات کان وٺي سڄو مهينو لڳايو، بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ، وغيره تي ضرورتاً پنهنجي کيسي مان رقم ڀري جهنڊا خريد ڪري لڳايو، پنهنجي سائيڪلن، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو، هر طرف سبز سبز جهنڊن جون بهارون مرڪندي نظر اينديون، عام طور تي ٽرڪن جي پٺيان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ بي ڍنگا شعر لکيل هوندا آهن، منهنجي خواهش آهي ته ٽرڪن، بسن، ويگنن، رڪشن، ٽيڪسين، سوزوڪين، ۽ ڪارن وغيره جي پٺيان وڏن لفظن ۾ هي لکيل هجي، مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي ـ بس جي مالڪن ۽ ٽرانسپورٽ وارن سان ملي ڪري مدني ترڪيبون ڪيو ۽ سگِ مدينه عفي عنه جي دل جون دعائون وٺو.

ضـروري احتياط: جيڪڏهن جهنڊي تي نعلين پاڪ جو نقش پاڪ يا ڪا لکت هجي ته هن ڳالهه جو خيال رکو ته نه اهو ليڙون ليڙون ٿئي، نه ئي زمين تي