Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

آنکھوں کا تارا نامِ مُحمد                                                    دِل کا اُجالا نامِ مُحمد

اللہُ اَکْبَر رَبُّ الْعُلا نے                                                     ہر شے پہ لِکھا نامِ مُحمد

ہیں یُوں تو کَثْرت سے نام لیکن                                          سب سے ہے پیارا نامِ مُحمد

صَلِّ عَلٰی کا سہرا سجا کر                                                    دُولہا بنایا نامِ مُحمد

(قبالۂ بخشش،ص۷۳)

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته ناليمُحَمَّد به ڪيتري عظمت ۽ شان وارو آهي جو جنهن خُوش نصيب جو نالو مُحَمَّد رکيو وڃي ته هي نالو ان کي به شان ۽ شوڪت وارو ۽ تَعظِيم ۽ تَوقِير جو حقدار بڻائيندو آهي  تنهنڪري بِالعُمُوم سڀئي ۽ بِالخُصُوص جنهن جو نالو مُحَمَّدهجي انهن جي تمام گهڻي تَعظِيم ۽ تَوقِير ڪريو۔ ياد رهي! ادب جو هي انداز اسان کي انهيءَ وقت سمجھ ۾ اچي سگھي ٿو جڏهن اسان پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حقيقي مَعنيٰ ۾ ادب ۽ اِحتِرَام ڪنداسين ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ادب ۽ اِحتِرَام ڪرڻ اسان سڀني تي ضروري آهي جيئن صَدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطَّرِيقه حضرت علّامه مَولانا مُفتي محمد اَمجد علي اَعظَميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: نَبِي جي تَعظِيم فَرضِ عَين بلڪ سڀني فرضن جي اَصل آهي۔ ڪنهن نَبِي جي اَدنيٰ(ٿورڙي) تَوهين يا تَڪذِيب، ڪفر آهي۔(بهارِ شريعت،حِصَّه اوّل، ۱/۴۷) اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ اسان جو پِيارو پَروَردگار عَزَّ وَجَلَّ به پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ پنهنجن ٻانهن کي حَبيبِ مُڪرَّم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تَعظِيم ۽ تَوقِير ڪرڻ جي