Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad
اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسُنّت مولانا شاه اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بَيان ڪيل آيت سڳوري جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: (ائين نه سڏيو) ته اي زيد! اي عَمرو! بلڪ هيئن عَرض ڪريو: يارَسُوْلَ الله، يانَبِي الله، ياسَيدَ الْمُرْسَلِين، ياخَاتَمَ النَّبِيين، ياشَفِيعَ الْمُذْنِبِين صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيک وَسَلَّم وَعَلٰى اٰلِک اَجْمَعِين۔ تنهنڪري عالم سڳورا تَصرِيح (وَضاحت) ڪن ٿا (ته) حُضُورِ اَقدَس صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نالو وٺي نِدا ڪرڻ (سڏڻ) حَرام آهي ۽ واقعي اِنصاف جو مقام آهي! جنهن کي ان جو مَالِڪ ۽ موليٰ تَبَارَڪ وَتَعَاليٰ نالو وٺي نه سڏي، غُلام جي ڪهڙي مَجال جو ادب جي راھ کان تَجَاوُز (Exceed) ڪري، بلڪه اِمام زَينُ الدِّين مَرَاغِي وغيره مُحَقِّقن (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين) فرمايو: جيڪڏهن هي لفظ ڪنهن دُعا ۾ هجن جيڪي خُود نبي صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سيکاريا جيئن دعا آهي ’’يا مُحَمَّدُ اِنِّي تَوَجَّھْتُ بِک اِلٰي رَبِّي‘‘ اي مُحَمَّد(صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! مان اوهان جي تَوَسُّل (وسيلي) سان پنهنجي ربّ (عَزَّ وَجَلَّ) ڏانهن مُتَوَجِّه ٿيس۔ ( ابن ماجۃ، ڪتاب اقامۃ الصلوۃ،باب ما جاء في صلوۃ الحاجۃ،۲/ ۱۵۶،حديث: ۱۳۸۵) تڏهن به ان جاءِ تي يا رَسُوْلَ الله، يا نَبِي الله (چوڻ) گھرجي، جڏهن ته دعا جي لفظن ۾ حَتَّي الوُسع (جيترو ممڪن هجي) تَغيير (تبديلي) ناهي ڪئي ويندي۔(فتاويٰ رضويه،۳۰ /۱۵۶-۱۵۷ملتقطا )
نُوح و خَلیل و مُوْسیٰ و عِیْسیٰ سب کا ہے آقا نامِ محمد
دَوْلَت جو چاہو دونوں جہاں کی کر لو وَظیفہ نامِ محمد
پائیں مُرادیں دونوں جہاں میں جس نے پُکارا نامِ محمد
(قبالۂ بخشش،ص۷۳)