Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

تَرغِيب اِرشاد فرمائي آهي جيئن سيپارو 26سُوْرَۃُالْفَتْح جي آيت نمبر 9 ۾ اِرشادِ رَبُّ العِباد آهي:

لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ- (سيپارو:۲۶، الفتح ۹)

تَرجَمَو ڪنز الايمان: ته جيئن اي انسانو توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم ۽ احترام ڪريو

اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنّت مولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بَيان ڪيل آيتِ مُقَدَّسَه جي تحت فرمائن ٿا: ته سڀني کان مُقَدَّم اِيمان آهي جو ان جي بغير تعظيمِ رَسُول مقبول ناهي، ان کان پوءِ تعظيمِ رَسُول آهي جو ان جي بغير نَماز ۽ ٻي ڪا عِبادت مَقبول ناهي، ائين ته عَبدُالله تمام جهان آهي پر سَچَّو عَبدُالله اهو آهي جيڪو عَبدِ مُصطَفٰي (يعني غُلامِ مُصطَفٰي) آهي نه ته عَبدِ شَيطان هوندو۔ اَلْعِياذُ بِالله تَعَالٰي(الله تعاليٰ جي پناھ)  (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،ص۱۲۳)

جڏهن ته سيپارو 18 سُورةُ النُّور جي آيت نمبر 63 ۾ حُضُور سَراپا نُور،

صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پُڪارڻ جا ادب سيکاريندي اِرشاد فرمايو:

لَا تَجْعَلُوْا دُعَآءَ الرَّسُوْلِ بَیْنَكُمْ كَدُعَآءِ بَعْضِكُمْ بَعْضًاؕ- (سيپاري:۱۸، النور:۶۳)

 ترجمو ڪنزالايمان: رسول جي سڏڻ کي پاڻ ۾ ايئن نه بڻايو جيئن توهان مان هڪڙو ٻي کي سڏي ٿو .

     حضرتِ سَيدُنا عَبْدُالله بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَـنْه بيان ڪيل آيتِ مُقَدَّسَه جي تَفسِير ۾ اِرۡشاد فرمائن ٿا: پهريان حُضُور (صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي يا مُحَمَّدُ، يا اَبَالْقَاسِم چيو ويندو هو،پوءِ الله تَعَالٰي پنهنجي نبي جي تعظيم جي سبب انهن کي ايئن ڪرڻ سان منع فرمايائين تڏهن کان صحابهء ڪرام (عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان) يا نَبِي الله، يا رَسُوْلَ الله چوندا هئا۔ (دلائل النبوۃ لابي نعيم، الجزء الاول، الفصل الاول في ذڪر ما انزل الله تعالٰي في ڪتابه من فضله،ص۱۹حديث:۴)