Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

صاحب اسان کي نه سمجھايو اسان کي پنهنجي قبر ۾ وڃڻو آهي توهان کي پنهنجي قبر ۾، اسان سان جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو۔ الامان والحفيظ!-

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو سوچيو ته سهي اسان ڪهڙي نموني پاڻ کي ڪوڙي تسلّي ڏئي رهيا آهيون ته جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو، جيڪڏهن اسان جي بُرائين جي سبب قبر (Grave) ۾ نانگ ۽ وڇون اچي ويا ته ڇا ڏٺو ويندو؟، اسان جي برن عمل جي ڪري قبر ۾ باھ ڀڙڪائي وئي ته ڇا ڏٺو ويندو؟، مرڻ وقت ايمان جي دولت کسي وئي ته ڇا ڏٺو ويندو؟، گانن باجن جي نحوست سان ڪنن ۾جيڪڏهن پگھاريل شيهو وڌو ويو ته ان وقت ڇا ڏٺو ويندو؟، بد نگاهي ڪرڻ وارن جي اکين ۾ باھ جون سرائيون ڦيريون ويون ته ڇا ڏٺو ويندو؟ اڄ جيڪڏهن اسان جي پيرن ۾ ڪنڊو لڳي وڃي، هٿ تي ڇُري لڳي وڃي يا ٿاٻو اچي ته تڪليف جي شدت سان رڙيون ڪريون ٿا ته پوءِ جهنَّم جي عذاب جي باري ۾ آخر اهو ڇو چئون ٿا ته جيڪو ٿيندو سو ڏٺو ويندو۔ لهٰذا ”جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو“ واري غلط سوچ کي پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪڍي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿي وڃو، پنهنجي دل ۾ رَبِّ ڪريم جو خوف پيدا ڪريو، ڇوته خوفِ خدا رکڻ وارا الله ۽ رسول جا محبوب هوندا آهن، خوفِ خدا رکڻ وارا گناهن کان محفوظ رهندا آهن، خوفِ خدا رکڻ وارا خوشحال زندگي گذارين ٿا، خوفِ خدا رکڻ وارن سان مخلوقِ خدا مَحَبَّت ڪرڻ لڳندي آهي۔ اچو! خوفِ خدا جي فضيلتن تي مشتمل ٽي (3) فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻڌو، جيئن ته

٭ارشاد فرمايائون: الله ڪريم پنهنجي ان ٻانهي سان محبت رکندو آهي جيڪو مُتَّقي يعني پرهيزگار ۽ الله پاڪ کان ڊڄڻ وارو هجي ، ماڻهن کان بي پرواھ هجي ۽ پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي ريل پيل (هجوم) جي خواهش رکڻ وارو نه هجي بلڪ گوشه نشين هجي۔ (صحيح مسلم، ڪتاب الزھد والرقائق، الحديث:۷۴۳۲، ص۱۲۱۲)

٭ارشاد فرمايائون: الله ڪريم فرمائيندو ته ان کي باھ مان ڪڍو جنهن مون کي ڪڏهن ياد ڪيو هجي يا ڪنهن مقام ۾ منهنجو خوف ڪيو هجي۔ (شعب الايمان ،باب في الخوف من الله تعاليٰ ،١/٤٦٩،حديث:٧٤٠)