Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

وغيره بنائڻ جا فائدا (Benefits) صرف دنيا تائين ئي محدود هوندا آهن جڏهن ته نيڪ اولاد والدين جي وفات کان بعد به فائدي مند ثابت ٿيندو آهي۔ جيئن ته  

حضرت سَيدُنا بُرَيدَه رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته ٻنهي جھان جي مالڪ ۽ مختار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن قرآن پڙھيو ۽ ان کي سکيو ۽ ان تي عمل ڪيو ان جي والدين کي قيامت جي ڏينهن نور جو هڪ اهڙو تاج پارايو ويندو جنهن جي چمڪ سج جيان هوندي ۽ ان جي والدين کي ٻه حُلّا (جبا) پارايا ويندا جنهن جي قيمت هي دُنيا ادا نٿي ڪري سگھي ته هو پڇندا، اسان کي هي لباس ڇو پارايا ويا آهن؟ انهن کي چيو ويندو: توهان جي ٻارن جي قرآن کي پڪڙڻ جي سبب۔ (مستدرڪ ،ڪتاب فضائل القرآن، باب من قراالقرآن وتعلمه الخ، رقم: ۲۱۳۲، ۲/ ۲۷۸) هڪ ٻي جاءِ تي ارشاد فرمايائون ته بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ هڪ نيڪ ٻانهي جو درجو جنت ۾ بلند فرمائيندو ته هو چوندو ته اي منهنجا ربّ عَزَّوَجَلَّ! مون کي اهو مرتبو ڪيئن مليو؟ ته الله عَزَّوَجَلَّ فرمائيندو ته تنهنجي پٽ تنهنجي لاءِ بخشش جي دعا گھري آهي۔(مشڪاۃالمصابيح،ڪتاب الدعوات،باب الاستغفار والتوبۃ،حديث:۲۳۵۴، ۱/ ۴۴۰)

مری آنے والی نسلیں تیرے عشق ہی میں مچلیں                  انہیں نیک تُوبنانا مدنی مدینے والے!

                                                                                                                (وسائلِ بخشش،ص۴۲۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته جن جو اَولاد نيڪ ۽ قرآن ۽ سُنَّت تي عمل ڪرڻ وارو ۽ حافظِ قرآن هوندو انهن کي بروزِ قيامت اهڙو قيمتي تاج پارايو ويندو جنهن جي روشني سج جيان هوندي، اهڙن خوش نصيبن کي وڌيڪ قيمتي لباس پارايو ويندو۔ جنت ۾ انهن جا درجا بلند ڪيا ويندا۔ تنهنڪري پاڻ به نيڪ عمل ڪريو، تلاوتِ قرآن جو معمول بڻايو، پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪريو ۽ پنهنجي اولاد جي تربيت ڪندي انهن کي به شروع کان خوفِ خدا جو ذهن ڏيڻو پوندو ته جيڪڏهن ننڍپڻ کان ئي خوف خدا جي دولت نصيب ٿي وئي ته سڄي زندگي گناهن جي دلدل ۾ ڦاسڻ کان پنهنجي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا۔