Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنن آيت سڳورين مان معلوم ٿيو ته جيڪو دُنيا ۾ گناهن ۾ مبُتلا ٿيندو قيامت جي ڏينهن اهڙن ماڻهن سان ان جا ماءُ پيءُ، اولاد، ڀائر ۽ پڪن دوستن مان ڪو به انهن جو مدد گار نه ٿيندو۔ اهڙن بد نصيبن کي گھلي جهنم ۾ وڌو ويندو۔ اهڙن مجرمن (Criminals) جو جيڪڏهن ايمان سلامت نه رهيو ته انهن جو ٺڪاڻو هميشه هميشه جي لاءِ دوزخ بڻايو ويندو۔

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هاڻي ته غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿي وڃڻ گهرجي ۽ مرڻ کان بعد گناهگارن جو حال ٻڌي ڊڄي وڃڻ گهرجي ۽ پڪي سچي توبه ڪري نيڪين ۾ مشغول ٿي وڃڻ گهرجي۔ افسوس صد افسوس! اسان جي مُعاشري ۾ ماڻهو ڏينهن رات ٻين جي خوف سبب ته لڪي لڪي گناھ ڪندا آهن ته ڪٿي منهنجي دوستن ۽ گھر وارن کي نه معلوم ٿي وڃي پر ان رَبِّ ڪريم کان نٿا ڊڄون جيڪو رات جي اونداهي ۾ به اسان جي حال کان هروقت باخبر آهي ۽ گناھ ڪندي وقت اسان کي هن ڳالھ جو به خوف نٿو رهي ته بروزِ قيامت تمام محشر وارن جي اڳيان گناهن کان ڀرپور اعمال نامو پڙھي اسان کي ٻڌائڻو پوندو جتي اهي ماڻهو به هوندا جو دنيا ۾ جن جي دلين ۾ اسان جي عزت ۽ اهميت هئي۔ اي ڪاش! ان وقت جي بدنامي ۽ شرمندگي کان بچڻ جي لاءِ هينئر کان اسان کي خوفِ خدا جي دولت نصيب ٿي وڃي۔ اي ڪاش! اسان گناهن کان پري رهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔ اي ڪاش! اسان هر گھڙي نيڪين ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! قيامت جي خوفناڪ ڏينهن کي هميشه ياد رکڻ وارا بڻجي وڃون۔ جيڪڏهن اسان کي هي خوفِ خدا جي دولت نصيب ٿي وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجي ويندو۔ اسان جي بُزرگانِ دين ته اهڙا انسان هئا جو ڏينهن رات نيڪين ۾ گذاريندا هئا، انهن جي جسم(Body) جو هر هر حصو ربِّ ڪريم جي خوف ۽ ان جي مَحَبَّت سان سرشار رهندو پوءِ به هو پنهنجي عملن کي ڪافي نه سمجھندا هئا ۽ خوفِ خدا سبب خوب ڳوڙها ڳاريندا هئا، جيئن