Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

                        راتِیں زاری کر کر رَوندے، نیند اَکھیں دی دَھوندے

فجرِیں اَو گنْہار کہاندے، سب تھیں نِیْوِیں ہَوندے

(يعني اهي اهڙا نيڪ ٻانها آهن جن جون راتيون گريه وزاري ڪندي گزنديون آهن جنهن جي سبب انهن جون ننڊون اڏري وينديون آهن ان جي باوجود جڏهن صبح ٿيندي آهي ته ماڻهن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڏا گنهگار تصوّرڪندا آهن)

     پر افسوس! اسان جي حالت هي آهي ته هڪ ته اسان نيڪ عمل ڪيون نٿا جيڪڏهن ڪو عمل ڪري به وٺون ته ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪنهن نموني ماڻهو مون کي ڏسي وٺن ته جيئن منهنجي نيڪ نامي ٿئي۔ ياد رکو! رياڪاري سان ڪيو ويندڙ عمل هرگز قابلِ قبول ناهي، تنهنڪري هر نيڪ عمل کان پهريان پنهنجي نِيت تي چڱي طرح غور ڪرڻ گھرجي ته ان مان مقصد رَبِّ ڪريم جي رِضا آهي يا مال ۽ زَر جو حُصُول يا ٻيو ڪو دُنياوي فائدو؟ بد قِسمتي سان اڄڪلھ اسان جي عِبادتن مان اِخلَاص ختم ٿيندو پيو وڃي، نماز پڙھون ٿا ته ان ڪري جو ماڻهو اسان کي نمازي چون۔ صدقو ۽ خيرات ڪيون ٿا ته ان ڪري جو ماڻهن ۾ اسان جي سخاوت جي هاڪ ٿئي۔ حج ۽ عمرو ڪرڻ کان پوءِ اها خواهش هوندي آهي ته ماڻهو مون کي حاجي صاحب چئي سڏين۔ گھر ۾ ڳالھ ڳالھ تي جھيڙو ڪيون پر ٻاهر وارن سان حُسنِ اخلاق (Boleteness) سان ان ڪري پيش اچون ٿا ته ماڻهن ۾ بااخلاق مشهور ٿي وڃون۔ ياد رکو! جن نيڪ ڪمن کي سڄي زِندگي اسان پنهنجي لاءِ آخرت جو سامان ۽ نَجَات جو ذَرِيعو سمجھندا رهياسين ائين نه ٿئي جو رياڪاري جي ڪري اهي سڀ برباد ٿي وڃن ۽ قيامت جي ڏينهن حسرت ۽ ندامت کان علاوه ٻيو ڪجھ هٿ نه اچي۔ اچو! رياڪاري جي مذمت تي ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ ان باطني مرض کان بچڻ جي ڪوشش به ڪريو، جيئن ته

٭ارشاد فرمايائون: جنّت جي خوشبو پنج سؤ (500) سالن جي مفاصلي (يعني  پري) کان سونگهي سگهجي ٿي پر آخرت جي عمل سان دنيا حاصل ڪرڻ وارو ان کي نه سونگهي سگهندو۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب الاخلاق، قسم الاقوال، حرف الراء الرياء، ۲ /۱۹۰، جز۳،حديث:۷۴۸۹)