Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

سلامت رهڻ جو ڪيترو پيارو نسخو اِرشاد فرمايو ته سلامتي انهيءَ ۾ آهي ته انسان پنهنجي زبان مان چڱي ڳالھ ڪڍي ۽ بُرين ڳالهين کان بچندو رهي۔ ياد رکو! زبان جو قُفلِ مدينه لڳائڻ ۽ فُضُول گفتگو جي آفتن کان بچڻ ۾ اسان انهيء وقت ڪامياب ٿي سگھنداسين جڏهن اسان کي معلوم هجي ته فضول گفتگو ڇا کي چئبو آهي، جيئن هن باري ۾

حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه فرمائن ٿا: بي فائده گفتگو جي تعريف (Definition) هيء آهي ته توهان جو اهڙو ڪلام ڪرڻ، جو جيڪڏهن ان کان رڪي وڃي ته گناھ گار نه ٿئي ۽ نه ئي في الحال يا آئنده ڪو نقصان ٿئي۔ مثال طور توهان ڪنهن مجلس ۾ ماڻهن جي اڳيان پنهنجي سفر جو تذڪرو ڪريو ۽ ان ۾ جيڪي جبل ۽ نهرون ڏٺيون ۽ جيڪي واقعات توهان سان پيش آيا انهن کي بيان ڪريو اهڙي طرح جيڪو کاڌو ۽ ڪپڙا توهان کي سٺا لڳا انهن کي ۽ مختلف شهرن جي مشائخن جون تعجب واريون ڳالهيون ۽ انهن جا تعجب انگيز واقعا ذڪر ڪريو۔ ته هي اهي ڪم آهن جو جيڪڏهن توهان انهن کي بيان نه به ڪريو ها تڏهن به گنهگار نه ٿيو ها ۽ نه ئي ڪو نقصان ٿئي ها۔ پوءِ جيڪڏهن توهان هن ڳالھ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته واقعو بيان ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي بيشي نه ٿئي ۽ نه ان ۾ ڪنهن جي غيبت ۽ نه مخلوقِ خُدا جي مَذمَّت ٿئي، ان سمورين احتياطن جي باوجود به توهان پنهنجو وقت برباد ڪرڻ وارا ٿيندو۔ ۽ فضول گفتگو جي آفتن کان ڪيئن بچي سگھندو۔ (احياء العلوم،۳/۳۴۵ ،ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بي فائده ڪلام مان مُراد هي آهي ته جنهن جي نه ڪرڻ سان ڪوئي نقصان نه ٿئي، بس اسان کي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ ۾ ان جي نتيجي تي غور ڪرڻ گھرجي ته ان سان منهنجي آخرت جو ڪو فائدو آهي يا نه، جيڪڏهن فائدو هجي ته ڪئي وڃي نه ته خاموشي اختيار ڪئي وڃي۔ اسان جي ذهنن ۾ جيڪڏهن فضول ۽ بيهوده گفتگو جي سبب