Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay
محشر جي ڏينهن رُسوائي جو تصور هوندو ته اسان گھٽ گفتگو ڪرڻ وارا ۽ فُضُول گفتگو کان بچڻ وارا بڻجي وينداسين ڇوته جنهن کي ڪو دُنياوي فڪر لاحق ٿيندي آهي ته هو ان جي باري ۾ سوچيندو رهندو آهي، مثال طور ڪنهن جي ماءُ پيءُ يا رشتيدار جو اوچتو انتقال (Death) ٿي وڃي، يا هلندڙ ڪاروبار اوچتو ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي وڃي يا بند ٿي وڃي، ڳالھ ڳالھ تي گهريلو جهيڙا شروع ٿي وڃن ته ٻانهي تي خاموشي طاري ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان کي جهنم جي عذابن جو تذڪرو ٻڌي فڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي، خوفِ خدا سان اسان جي دل ڏڪي وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي چپن تي به خاموشي طاري ٿي ويندي۔ پر اسان ته ڪنهن گھڙي خاموش نٿا رهون، هر وقت بغير سوچي سمجهي ڳالهيندا رهندا آهيون۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي پياري آقا مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سيرت جو مطالعو ڪريون ته خبر پوندي ته اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام گھٽ گفتگو ڪندا هئا، اڪثر خاموش رهندا هئا جيئن ته حضرت سيدُنا جابر بن سَمُرَه رَضِىَ اللّٰه تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام گھڻو خاموش رهندا هئا۔ (مسندامام احمد،مسندالبصريين،حديث جابربن سمرۃ،۷/ ۴۰۴، حديث:۲۰۸۳۶ملتقطا)
حڪيمُ الامت حضرت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: خاموشي مان مُراد دُنياوي ڪلام کان خاموشي (آهي) نه ته حضورِ اقدس (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي زبان شريف الله (پاڪ) جي ذڪر ۾ تر رهندي هئي، ماڻهن کان بلاضرورت گفتگو نه ڪندا هئا، هي ذڪر آهي جائز ڪلام جو، ناجائزڪلام ته سڄي عُمر زبان شريف تي آيو ئي نه۔ حُضُور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) سراپا حق آهن، پوءِ اوهان تائين باطل جي رسائي ڪيئن ٿئي۔ (مرآۃ المناجيح،۸/۸۱)
سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نبي رحمت،شفيعِ امّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان پاڪ جو ذڪر ”حدائقِ بخشش“۾ هيئن ڪن ٿا.