Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

میں نثار تیرے کلام پر ملی یُوں تو کس کو زباں نہیں

وہ سُخن ہے جس میں سُخن نہ ہو وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں

 

مختصر وضاحت: اي منهنجا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان اوهان جي ڪلام تي قربان وڃان، دنيا ۾هونءَ ته زبان دان (زبان جا ماهر) ۽ ڪلام ڪرڻ  جي مهارت کوڙ ماڻهن کي حاصل ٿي، پر اوهان جو ڪلام اهڙو ڪلام آهي جو ان ۾ ڪوبه ڪلام ڪري ئي نه ٿو سگهي ۽ اوهان جو بيان اهڙو بيان آهي جو ڪير ان کي ڪامل بيان ڪري ئي نه ٿو سگهي.

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نه صرف پاڻ زبان جي حفاظت ڪندا هئا بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمَّت کي به خاموشي اختيار ڪرڻ جي تمام گھڻي ترغيب ڏياري بلڪ تاڪيد فرمائي آهي، اچو! خاموشي جي فضيلتن تي مشتمل 6فرامينِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو۔ جيئن ته

(1) ارشاد فرمايائون: ڇا مان توهان کي سڀني کان ڀلي ۽ سڀني کان سولي عمل جي باري ۾ نه ٻڌايان؟ صحابي رسول عرض ڪيو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ڇو نه، ضرور ارشاد فرمايو۔ ارشاد فرمايائون: اهو حُسنِ اخلاق ۽ ڊگھي خاموشي آهي، انهن ٻنهن کي لازِمي اختيار ڪريو ڇوته توهان الله ڪريم جي بارگاھ ۾ انهن جھڙو ٻيو ڪو عمل نٿا کڻي وڃي سگھو۔“ (موسوعۃ ابن ابي الدنيا،ڪتاب الصمت واٰداب اللسان،۷/ ۳۴۶، حديث:۶۵۰)

(2) ارشاد فرمايائون: خاموشي سڀ کان اعليٰ عبادت آهي۔ (تاريخ اصبهان لابي نعيم،۲/ ۳۴، رقم :۹۹۹،عبداللّٰه بن محمدبن موسي البازيار)

(3) ارشاد فرمايائون: جيڪو سلامت رهڻ چاهي ٿو، ان تي خاموشي لازم آهي۔ ( مسندابي يعلٰي،مسندانس بن مالڪ،۳/ ۲۷۱،حديث:۳۵۹۵) 

(4) ارشاد فرمايائون: جيڪو خاموش رهيو ان نَجات ماڻي۔ (ترمذي، ڪتاب صفۃ القيامۃ، رقم: ۲۵۰۹، ۴/۲۲۵ )