Book Name:Ilm Deen K Fazail
کي تَرجِيح ڏيندو هو۔ اُن کي عَرض ڪيو ويو ته اوهان جيڪڏهن عام فُـقَراء کي صَدَقو ڏيو ته ڇا اهو اَفضَل ناهي؟ جواب ڏنائين: اهي نيڪ ماڻهو هر وقت اللہ پاڪ جي ذِڪر و فِڪر ۾ رهندا آهن جيڪڏهن انهن تي فاقو يا ڪا مُصيبت اچي ته انهن جي مَشغِلن ۾ رڪاوٽ ايندي، تنهنڪري منهنجي ويجھو دُنيا جي هزار طلبگارن کي ڏيڻ کان بهتر آهي ته هڪ سچّي دِيندار کي ڏيان۔ جڏهن حضرت سَيدُنا جُنَيد بَغْدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه کي اها ڳالھ ٻڌائي وئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه ان کي پسند ڪيائون ۽ فرمايائون: اهو شَخص اللہ پاڪ جي ولين مان آهي، مون اڄ تائين ايتري سٺي ڳالھ نه ٻُڌي هئي۔ (ضيائے صدقات،ص۱۷۲)
حضرت سَيدُنا عبدُاللہ بِن مُبارڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه (جيڪي امامِ اَعظَم ابُو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جا خاص شاگرد ۽ فقه حنفي جي امامن مان آهن) علم وارن سان خاص ڪري ڀلائي ڪندا هئا، پاڻ کي عرض ڪيو ويو: اوهان سڀني سان هڪ جھڙو معاملو ڇو نٿا رکو؟ فرمايائون مان انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ السَّلَام ۽ صحابه ڪرام
عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان بعد عالمن جي علاوه ٻي ڪنهن جي مقام کي بُلند نٿو سمجھان، هڪ به عالِم جو ڌيان پنهنجي حاجتن جي ڪري هٽندو ته هو صحيح طرح سان دِين جي خدمت نه ڪري سگھندو ۽ دِيني تعليم تي ان جي دُرُست توجّه نه ٿي سگھندي۔ لهٰذا اُنهن کي علمي خدمت جي لاءِ فارِغ ڪرڻ اَفضَل آهي۔
(ضِيائے صَدَقات،ص۱۷۳)
لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان به دعوتِ اسلامي جي جامعاتُ المدينه ۾ تعليم حاصل ڪندڙ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين جي زڪوٰۃ ۽ صدقات وغيره جي ذريعي مدد جاري رکون، ته جيئن انهن جي سبب دِين جو ڪم خوب مضبوط ٿئي ۽ بُرائين جو خاتمو ٿئي۔ اچو! اسان سڀئي نيت ڪريون ٿا ته پنهنجي طاقت مطابق جامعات المدينه ۾ زيرِ تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مالي امداد ڪري پنهنجي لاءِ جنت جي راھ کي آسان ڪرڻ جو سامان ڪنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد