Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

عاشقانِ رسول جي لاءِ وڏي يارهين شريف جي رات ۾ لنگرِ غوثيه جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي۔ الله ڪريم شال اسان سڀني کي اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ۽ سندن دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي صدقي ۾ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سچي پڪي غلامي نصيب فرمائي ۽ اسان جو خاتمو ايمان تي فرمائي. آمين

مُريد ٿيڻ جا فائدا

ياد رهي! ڪنهن پيرِ ڪامل جو مُريد ٿيڻ جون تمام گھڻيون برڪتون ۽ فائدا آهن، مثال طور ان جي برڪت سان ايمان جي حفاظت نصيب ٿيندي آهي، ٭ نماز روزي جي پابندي نصيب ٿيندي آهي، ٭ فرض علم سکڻ جي مدني سوچ ملندي آهي، ٭ حلال، حرام جي سڃاڻپ نصيب ٿيندي آهي. ٭ اِحترامِ مسلم ۽ ايماني جذبو نصيب ٿيندو آهي، ٭ شيطان کان حفاظت ٿيندي آهي، ٭ دل ۾ عبادت جو شوق ۽ تِلاوتِ قرآن جو ذوق ملندو آهي. ٭ بُري صحبت کان بچڻ جو ذهن بڻجندو آهي، ٭ دِين جي معلومات حاصل ٿيندي آهي، ٭ گناهن کان توبه نصيب ٿيندي آهي، ٭ دِيني ۽ دنياوي پريشانيون ختم ٿينديون آهن، ٭ انسان جو ڪردار سٺو ٿيندو آهي۔

مطلب ته مريد ٿيڻ جي برڪت سان انسان دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند ٿي ويندو آهي ۔  

اچو! فيضانِ غوث و رضا سان مالا مال عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو ۽ هر پاسي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي ڇڏيو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم وبيش 105 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مجلِس مدرسة المدينه آن لائن“به آهي۔ شَوَّالُ الْمُڪرَّم1432ھ بمطابق سپٽمبر 2011 ۾ مجلس مدرسةُ المدينه آن لائن جو قيام عمل ۾ آندو ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ”مجلِس