Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

هو۔ (سيرتِ غوث اعظم،ص۲۷ملخصاً) غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والد صاحب جو نالو مبارڪ ”سيد موسيٰ“ ڪُنيت ”ابُوصالح “جڏهن ته لقب ”جنگي دوست“ آهي۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه والد جي نِسبَت سان حَسَني (۽ والده ماجِده جي طرفان حُسيني سَيّد) آهن۔ سندن والد سڳورا حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي وَقت جي مشهور ولين سڳورن مان هئا۔ (غوثِ پاڪ ڪے حالات،ص۱۶،۱۵ ملخصاً)

اَميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه خاندانِ غوثِ پاڪ جي شان ۽ عظمت بيان ڪندي لکن ٿا:

مُکَرَّم شہا تیرے سارے کے سارے                                ہیں آباء و اَجداد یا غوثِ اعظم

اچو! سڀ کان پهريان غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والدين جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري بابت هڪ دلچسپ ۽ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا ۽ هن مان حاصل ٿيڻ وارن مدني گلن کي چونڊي پنهنجي دل جي مدني گلدستي ۾ سجائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا۔

غوثِ پاڪ جي والدين جي تقويٰ

منقول آهي ته حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دريا جي ڪناري ويٺل هئا ته هڪ صوف (Apple) ترندو پئي آيو، پاڻ ان کي کڻي کائي ورتائون۔ صوف کائڻ کان پوءِ سندن تي خوفِ خدا جو غلبو ٿيو ۽ پاڻ هن طرح فڪرِ مدينه (يعني پنهنجو محاسبو) ڪرڻ لڳا ته خبر ناهي اهو صوف ڪنهن جو هو؟ ۽ ڇا هن طرح نامعلوم صوف کائڻ مون لاءِ حلال ٿي سگهي ٿو؟ اهو خيال پيدا ٿيندي ئي پاڻ پنهنجو قصور مُعاف ڪرائڻ جي لاءِ صوف جي مالڪ جي ڳولا ۾ دريا جي ڪناري ڪناري هلڻ لڳا۔ ڪافي سفر ڪرڻ کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي دريا جي ويجھو هڪ نهايت عظيمُ الشَّان عمارت نظر آئي، جنهن ۾ صوف جو هڪ تمام وڏو وڻ لڳل هو، جنهن جي ٽارين تي پڪل صوف لڳل هئا ۽ صوفن سان ڀريل اهي ٽاريون پاڻي جي مٿان لٽڪي رهيون هيون۔ حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي يقين