Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
قوت آهي، پوءِ به اهي هن مان ڪم نٿا وٺن تنهنڪري اهي جانورن کان بدتر آهن۔ (صراط الجنان، ۳/۴۷۸ بتغیر) الله پاڪ اسان جي ايمان جي حفاطت فرمائي ۽ اسان کي هميشه ايمان تي ثابت قدم رکي. اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي دلچسپ ڪتاب ” دین و دنیا کی انوکھی باتیں “ مان عقل جي باري ۾ ٻه فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿا:
1۔ فرمايائون: جڏهن الله پاڪ عقل کي پيدا فرمايو: ان کي فرمايائون: اڳتي اچ ته اهو اڳتي اچي ويو، فرمايو: پوئتي وڃ ته اهو پوئتي هليو ويو۔ الله پاڪ ارشاد فرمايو: مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! مون ڪا اهڙي مخلوق پيدا ناهي ڪئي جيڪا مون وٽ تو کان وڌيڪ عزت واري هجي۔ مان تنهنجي ئي سبب پڪڙيندس، تنهنجي ئي سبب عطا ڪندس، تنهنجي سبب حساب وٺندس ۽ تنهنجي ئي سبب سزا ڏيندس۔ (شعب الايمان، باب في تعديد نعم الله، فصل في فضل العقل،۴/۱۵۴، حديث:۴۶۳۳ ملتقطاً، مسند الفردوس،۱/۲۹، حديث:۴بتغير)
(2) صحابي رسول حضرت سَيدُنا ابودردا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا ته الله جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: اي عُوَيمر! پنهنجي عقل ۾ اضافو ڪريو! توهان جي قُربِ الٰهي ۾ به اضافو ٿيندو۔ مون عرض ڪيو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين! مان پنهنجي عقل ۾ ڪيئن اضافو ڪري سگھان ٿو؟ ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جي حرام ڪيل ڳالهين کان پاسو ڪريو ۽ ان جي فرضن کي ادا ڪريو توهان عقلمند بڻجي ويندو، پوءِ نيڪ عملن کي پنهنجو معمول بڻايو، دنيا ۾ توهان جي عقل ۾ زيادتي ٿيندي ۽ الله پاڪ جو قُرب نصيب ٿيندو۔ (بغية الباحث عن زوائد مسند الحارث، ڪتاب الادب، باب ما جاء في العقل، ۲/۸۰۸، حديث:۸۲۹)