Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

ڪوفي ۾ پيدا ٿيا ۽ 80 سالن جي عمر ۾ 2 شعبان المعظم 150 هجري ۾ وفات ٿي۔ (لڙڪن جي برسات، ص۲) اڄ به بغداد شريف جي قبرستان خيزران ۾ سندن مزارِ فائضُ الاَنوار موجود آهي۔ (تاريخِ بغداد ،۱۳/۳۲۵ مفهوماً) حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪجھ صَحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان مُلاقات جو شَرَف ماڻيو هو ۽ بعض صَحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان کان براهِ راست پياري پياري آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا اِرشاد به ٻُڌا آهن۔ (الخيرات الحسان، ص:۳۳ ملتقطاً)

ہو نائبِ سَروَرِ دو عالم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

سراجِ اُمّت فقیہِ اَفخم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

ہے نام نعمان ابن ثابت، ابو حنیفہ ہے اُن کی کُنیت

پکارتا ہے یہ کہہ کے عالم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۵۷۳)

 

حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي عُمده اَخلاق جا مالڪ هئا۔ سندن وٽ ايندڙ هر شخص جي مدد ڪندا هئا۔ (اخبار ابي حنيفه واصحابه،ص:۱۶) حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄو ڏينهن علمِ دين جي اِشاعت (Preaching) ۾ مصروف رهندا هئا۔ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ سندن جو معمول هو۔

اندازِ تجارت

حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دَرس ۽ تدريس ۽  ربِ ڪريم جي عبادت سان گڏوگڏ حلال رزق جي لاءِ واپار (Business) وارو پيشو اختيار ڪيائون۔ حضرت سيدنا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه واپار ۾ به ماڻهن سان ڀلائي ڪندا هئا ۽ شَرعي اُصُولن جي پاسداري ڪندا هئا۔ بلڪ خود پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن کي به ماڻهن سان ڀلائي سان پيش اچڻ ۽ شرعي اُصولن جي پابندي جي تلقين ڪندا هئا۔

 حضرت سيدُنا حَفص بن عبدُالرحمٰن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدُنا امامِ اَعظم ابُو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ واپار ڪندا هئا ۽ انهن وٽ واپار جو مال موڪليندا هئا.