Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

گنہگارو آؤ! سِیَہ کارو آؤ!                                گناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بنا یہ          تمہیں عاشقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ عالم سڳورن جا تاثّرات

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذهانت بابت ٻڌي رهيا هئاسين، الله پاڪ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهڙي ذهانت ۽ عقل عطا ڪيو هو جو وڏن وڏن مشڪل مسئلن جو حل ڪڍي وٺندا هئا۔ بعد وارا عالم سڳورا ته سندن ذهانت جو اعتراف (Acknowledge) ڪندا آهن پر گڏوگڏ پاڻ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زماني وارا فقهاء به سندن ذهانت جو اعتراف ڪندا نظر اچن ٿا۔ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زماني وارا ۽ سندن ويجهي دور جا عالم سندن جي باري ۾ ڇا تاثرات رکندا آهن، اچو! ٻڌون ٿا: 

حضرت يزيد بن هارونرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چون ٿا: مون هڪ هزار استادن کان پڙهيو ۽ علم حاصل ڪيو، پر خدا جو قسم! امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار هئا۔ امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن سڀني کان وڌيڪ مضبوط حافظي وارا هئا ۽ امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن سڀني کان وڌيڪ ذهين ۽ عقلمند هئا۔

ڪروڙين شافعين جو پيشوا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان وڌيڪ ڪو عقلمند انسان پيدا ناهي ٿيو۔ (حدائق الحنفيه،ص ۱۰۶بتغير قليل)

 امام سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري فرمايائون: امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رُوءِ زمين جا سڀ کان وڌيڪ فقيه (يعني علمِ فقه جا عالم) آهن۔ (الخيرات الحسان، ص ۱۰۵)