Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
سراج تُو ہے بغیر تیرے جو کوئی سمجھے حدیث و قرآں
پھرے بھٹکتا نہ پائے رَستہ امامِ اعظم ابوحنیفہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
مختصر وضاحت: پهرين شعر جو مطلب آهي امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شان اهو آهي ته ڪنهن جي اک جا تارا آهن، ڪنهن جي دل جا سهارا آهن ۽ ڪنهن جي دل جگر ۾ جلوه گر آهن۔ ٻي شعر جو مطلب آهي ته امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هدايت جا سج آهن، قرآن و حديث سمجھڻ جي لاءِ سندن نورِ علم جو هئڻ ضروري آهي نه ته سڌو رستو نه ملندو ۽ ٻانهو ڀٽڪي ويندو۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان جتي امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذهانت ثابت ٿئي ٿي، اتي اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته شيطان جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ٻانهو عبادت جي ويجھو نه وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنهن طرح عبادت ۾ مشغول ٿي به وڃي ته ان کي طرح طرح جي وسوسن ۾ مبتلا ڪري عبادت کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ هن حڪايت مان اسان کي اهو به سبق ملي رهيو آهي ته جيڪڏهن وسوسا اچن، عبادت ۾ رغبت حاصل نه ٿئي، خشوع و خضوع نصيب نه ٿئي، طرحين طرحين جا خيال ستائن تڏهن به عبادت کان منهن نه موڙڻ گھرجي بلڪ دل تي جبر ڪندي نفس و شيطان سان وڙهندي پاڻ کي عبادت ۾ ئي مشغول رکڻ گھرجي۔ ياد رکو! عبادت ئي مقصودِ انساني آهي، عبادت ئي روح جي غذا آهي، عبادت ئي قلب کي جِلا بخشڻ جو سبب آهي، عبادت ئي جنت ۾ وٺي وڃڻ واري راھ آهي۔ پر جهڙي طرح بيماري کان بعد انسان جي وات جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي ۽ ان کي مٺي ۽ لذيذ غذاء به ڪوڙي (Bitter) لڳندي آهي،