Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ڪندي، هن مَدَني مَقصَد جي مُطابِق زِندگي گُذارڻ ۽ فڪرِ آخِرت جو مَدَني ذِهن ڏيڻ ۾ مصروفِ عمل آهي ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ“۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مجلس تحت وڪالت جي شعبي سان وابسته عاشقانِ رسول جي گھرن، دفترن، بار ايسوسي ايشن وغيره ۾ وقت بوقت ”مَدَني حلقن“ جو سلسلو ٿيندو رهندو آهي، جڏهن ته هن شعبي جي عاشقانِ رسول ”هفتيوار اِجتماع“ ۽ ”مَدَني مذاڪري“ ۾ به شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔ ”مجلس مَدرَسة المدينه بالِغان“ جي ڪوشش سان هن شعبي سان وابسته ماڻهن کي ”تعليمِ قرآن“ جي روشني سان مُنَوَّر ڪرڻ جي لاءِ”مَدرَسة المدينه بالِغان“ جي ترڪيب به ٿيندي آهي، جنهن ۾ فِي سَبِيلِ الله قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏني ويندي آهي۔ الله ڪريم ”مجلسِ وڪلاء“ کي مزيد ترقيون نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی
ہر لب پہ دعا آئی فَیضانِ مدینہ میں
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.
(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے