Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

قِيامَت جي نشانين مان هي ڪم آهن۔ (۱) ماڻهو قطعِ رحمي ڪندا۔ (۲) گناهن جي ڪثرت هوندي۔ (۳)قُرآنِ مجيد کي (سون چاندي سان) مُزين ڪيو ويندو۔(۴) مرد عورتن جي ۽ (۵) عورتون مردن جي مُشابَهت اختيار ڪنديون۔ (۶) ماڻهو پنهنجي والد جي نافرماني ڪندو ۽ دوست ۽ احباب سان ڀلائي ڪندو۔ (۷) ڳائڻ وارين ۽ (۸) آلاتِ مَوسيقي جو رِواج عام ٿي ويندو۔ ته ان وَقت ڳاڙهي انڌاري، زمين ۾ ڌٻجي وڃڻ، شڪلون تبديل ٿيڻ ۽ ٻين عذابن جي اچڻ کان ڊڄندا رهجو۔

 (حلية الاولياء، ۳/۴۱۰،رقم ۴۴۴۸ ملتقطاً)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! انهن مان ڪهڙو اهڙو ڪم آهي جيڪو اڄ اسان جي زماني ۾ عام نه آهي، قطعِ رحمي ڪرڻ قيامت جي نشانين مان ٻڌايو ويو آهي، اڄ گھرن ۽ خاندانن ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي جھيڙا ٿيندا آهن ۽ پوءِ اهي ئي جھيڙا وڌي قطعِ رحمي جي صُورت اختيار ڪندا آهن۔ ۽ خاندان جا ڀاتي ڪيئي ڪيئي سالن تائين هڪ ٻئي جو منهن به ناهن ڏسندا۔ گُناهن جي ڪثرت کي به قيامت جي نشانين مان بيان ڪيو ويو آهي، اڄ اسان پنهنجي معاشري ۾ ڏسون ته اسان کي اندازو ٿيندو ته اهو ڪهڙو گناھ آهي جيڪو اسان جي معاشري ۾ نٿو ڪيو وڃي۔ تنهائي هجي يا محفل، گھر هجي يا بازار، شهر ۾ هجون يا ڳوٺ ۾ هر هنڌ گناهن جي ڀرمار آهي۔ بلڪ هاڻي ته گناهن جي اهڙي زيادتي آهي جو پاڻ کي گناهن کان بچائڻ مشڪل ترين ڪم ٿي ويو آهي۔ قُرآنِ پاڪ کي مُزين ۽ آراسته ڪيو وڃڻ به قيامت جي نشانين مان بيان ٿيو آهي، اڄ قُرآنِ پاڪ جي غلاف کي، ان جي رحل کي، ان جي بائينڊنگ (يعني مٿين جلد) ۽ ورقن کي ته گھڻو سجايو ويندو آهي پر پنهنجي ڪردار کي قرآني اخلاق سان آراسته ڪرڻ واريون گھٽ ٿينديون پيون وڃن، اڄ قُرآنِ پاڪ جتي رکيو وڃي ان هنڌ جي به سجاوٽ جو خيال رکيو ويندو آهي پر دل، دماغ، فڪر ۽ سوچ به قرآنِ پاڪ جي تعليمات سان سنورجي وڃي ان جي طرف ڌيان ناهي ڏنو ويندو۔ مردن جو عورتن ۽ عورتن جو مردن جي مشابهت ڪرڻ به قيامت جي نشاني آهي، غور ڪريو! اڄ ڪهڙو اهڙو شعبو ۽ ڪهڙو اهڙو ڪم آهي جنهن ۾ عورتون مردن جي ۽ مرد عورتن جي نقالي نه ڪري رهيا هجن۔ افسوس! اڄ ته جنهن ڪم ۾ عورتن جو تعداد گھڻو شريڪ ٿئي، ان کي ئي ترقّي جي علامت سمجھيو