Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

وڃڻ لڳو آهي۔ وار ڪٽرائڻ، ڪپڙا پائڻ، بازارن ۾ گھمڻ، گاڏيون هلائڻ، خَرِيد و فَروخت جي شُعبن، راند جي ميدان، مطلب ته! ڪهڙي اهڙي جڳھ آهي جتي عورتون مردن جي نقّالي ڪندي نظر ناهن اينديون، اهڙي طرح اڄ مردن ۾ ڏسون ته ڪنگڻ پائڻ، عورتن جيان وڏا وار رکڻ، عورتن جيان نڪ ۽ ڪنن ۾ زيور پائڻ، مٿي تي هيئر بينڊ لڳائڻ، هٿن ۽ پيرن تي مينڌي لڳائڻ سميت ٻين کوڙ ڪمن جو رواج به وڌندو پيو وڃي، جڏهن ته اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي قيامت جي علامتن ۾ شمار ڪيو آهي ۽ هن کان منع به فرمايو آهي۔ اهڙي طرح قِيامَت جي هڪ نشاني اها به بيان ڪئي وئي ته انسان پنهنجي والد جي نافرماني ۽ دوست احباب سان ڀلائي ڪندو، ان جا نظارا به هر پاسي عام آهن، ڪن ماڻهن جو رَوَيو پنهنجي سڳي پيءُ سان تمام سخت هوندو آهي پر پنهنجي دوستن جي اڳيان نرم رَوَيو هوندو آهي، ڪن ماڻهن کي پنهنجي سڳي والد سان حسنِ سلوڪ(سٺو سلوڪ) جي توفيق ناهي ملندي پر پنهنجي دوستن سان گڏ هر ايندڙ ڏينهن پارٽيون ۽ دعوتون هلي رهيون هونديون آهن، ڪي ماڻهو پنهنجي والد جي ايتري ناهن مڃندا جيتري پنهنجي دوستن جي مڃندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته اهڙا نظارا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن جڏهن والد پنهنجي اولاد جي دوستن کي چئي رهيا هوندا آهن ته اوهان ئي منهنجي پٽ کي سمجھايو، اوهان ئي منهنجي پٽ کي ٻڌايو! منهنجي ته اهو ٻڌي نٿو! قيامت جي نشانين مان اهو به بيان ڪيو ويو ته ڳائڻ وارين ۽ آلاتِ موسيقي جي ڪثرت هوندي، هن باري ۾ به معاشري جي صورتحال اسان جي سامهون آهي۔ ميوزڪ ۽ گانن باجن جو سيلاب آهي جيڪو مسلمانن کي لوڙهي کنيو پيو وڃي، پهريان ته سنيما گھرن جي شڪل ۾ مخصوص هنڌ هوندا هئا جتي مَعَاذَ الله گانا ۽ ميوزڪ جو سلسلو ٿيندو هو۔ پر هاڻي ته هر هنڌ گانن ۽ ميوزڪ جي گھڻائي آهي۔ موبائل ۾ گانا ۽ ميوزڪ، ٽي وي ۾ گانا ۽ ميوزڪ، بازارن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، هوٽلن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، رانديڪن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، جوتن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، گھرن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، اسڪولن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، ڪالجن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، بسن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، ڪارن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، جهازن ۾ گانا ۽ ميوزڪ، ٽرينن ۾ گانا ۽ ميوزڪ! مطلب ته! ڪهڙو اهڙو هنڌ آهي جتي ڳائڻ ۽ ميوزڪ جو سلسلو نه آهي۔ الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي۔