Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal
مسلماں ہے عطّارؔ تیری عطا سے
ہو ایمان پر خاتِمہ یاالٰہی
(وسائلِ بخش مرمم،ص۱۰۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ ميلاد! ربيع الاول ۾ ٻيا نيڪ عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٭ هفتيوار مدني مذاڪري کان علاوه ربيع الاوَّل جي پهرين تاريخ کان تيرهين تاريخ تائين مدني چينل تي ٿيڻ واري روزانه مدني مذاڪرن ۽ مدني مذاڪري کان پهريان جلوسِ ميلاد جو سلسلو ٿيندو آهي، ان ۾ شرڪت جي ضرور ڪوشش ڪريو. ٭ پنهنجي گهر ۾ خاص ڪري انهن مبارڪ ڏينهن ۾”مدني چينل“ هلائڻ جو اهتمام ڪريو ته جيئن گهر جا سڀئي فرد فيضانِ ميلاد سان فيضياب ٿين. ٭ ربيع الاول جون خوشيون مدني چينل سان گڏ ملهايو. ٭ مدني مذاڪري جي ذريعي علمِ دين حاصل ڪريو، ٭ مدني چينل تي ڏيکاريا ويندڙ جلوسِ ميلاد ۾ مرحبايامصطفيٰ جون صدائون لڳائيندي، مدني پرچم کڻي جلوسِ ميلاد ۾ شامل ٿيو. ٭ ربيع الاول جي پهرين 12 ڏينهن ۾ خاص ڪري روزانو محفلِ نعت جو اهتمام ڪريو. ٭ ربيع الاول ۾ هر عاشقِ رسول جي گهر ۾ عام طور ۽ جامعة المدينه (للبنين وللبنات) جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ مدرسة المدينه (للبنين و للبنات) جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گهرن ۾ خاص طور چراغان ۽ سجاوٽ جو اهتمام هئڻ گهرجي. ٭ جڏهن به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪريو ته سوال ۽ جواب لکڻ جو اهتمام ڪندا ڪريو، ان سان به علمِ ۾ اضافو ٿيندو.
12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ” علائقائي د ورو“
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ربيع الاول جي برڪتن سان مالا مال ٿيڻ ۽ ربيع الاول جي حقيقي فيضان کي ماڻڻ ۽ خاص ڪري ٻارهين شريف کي نيڪين