Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal
حسن ؔ وِلادتِ سرکار سے ہوا روشن مِرے خدا کو بھی پیاری ہے بارہویں تاریخ
(ذوقِ نعت،ص۱۲۱-۱۲۲)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اسان کي گھرجي ته شريعت جي دائري ۾ رهندي خُصوصي اهتمام سان هن ڏينهن (ٻارهين شريف) ۽ خاص ڪري سڄي ربيع الاول کي ئي نيڪ اعمال ۾ گذاريون، هن مقدس مهيني ۾ فرض نمازن سان گڏوگڏ نفل نمازن جو اهتمام ڪريون، هن مقدس مهيني ۾ فرض نمازن سان گڏوگڏ تهجد جو اهتمام ڪريون، هن مقدس مهيني ۾ فرض نمازن سان گڏوگڏ اشراق ۽ چاشت جو اهتمام ڪريون، هن مقدس مهيني ۾ فرض نمازن سان گڏوگڏ صلوٰة الاوّابين جو اهتمام ڪريون. هن مقدس مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪريون، هن مقدس مهيني ۾ خوب صدقو ۽ خيرات ڪريون، هن مقدس مهيني ۾ مسلمانن کي نيڪي جي دعوت ڏئي گناهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريون، هن مقدس مهيني ۾ مدني قافلن ۾ نه صرف پاڻ بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن کي به وٺي وڃون، دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اِجتماع ۽ خاص ڪري ربيع الاول شريف جي ابتدائي 12 ڏينهن ۾ ٿيڻ وارن مدني مذاڪرن ۾ شرڪت جي ڪوشش ڪريون۔ اچو! ربيع الاول شريف ۽ خاص ڪري ٻارهين تاريخ تي ٿيندڙ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌون ٿا۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو انهن ڏينهن ۾ نَفلي روزا رکڻ جو اهتمام ڪريو، ياد رکو! ساھ تي ڪوئي ڀروسو ناهي، خبر ناهي ڪڏهن اهي پساھ رُڪجي وڃن ۽ ان سان گڏ اسان جي عملن جو سِلسِلو بند ٿي وڃي۔ اسان کي نيڪين جو ڪو موقعو نه وڃڻ ڏيڻ گھرجي، الله ڪريم جي فَضل ۽ ڪرم سان زِندگي ۾ هڪ ڀيري ٻيهر ربيع الاول جو مُبارڪ مهينو اسان کي ڏسڻ نصيب ٿيو، ان جي هڪ هڪ ڏينهن جي قدر ڪندي خوب نيڪ اعمال ڪريو، ربِّ ڪريم جي