Payare Aqaa Ki Payari Adaain

Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

پياري آقا جون پياريون ادائون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

  دُرُود شريف جي فضيلت

رسولِ اَڪرم، شاھِ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: منهنجو جيڪو اُمّتي اِخلاص سان مون تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙھندو الله پاڪ ان تي ڏھ (10) رَحمتون نازِل فرمائيندو، ان جا ڏھ (10) دَرَجا بلند فرمائيندو، ان جي لاءِ ڏھ (10) نيڪيون لکندو ۽ ان جا ڏھ (10) گناھ مٽائيندو۔ (سنن ڪبرٰي،ڪتاب عمل اليوم …الخ،باب ثواب الصلاة…الخ،۶/۲۱،حديث:۹۸۹۲)

میری زبان تَر رہے ذِکْر و دُرُود سے                                    بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون.فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي  .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.