Book Name:Payare Aqaa Ki Payari Adaain
نه هئڻ گھرجي جو ڪا ٽين اسلامي ڀيڻ گفتگو جي ڪري بيزاري ۾ مبتلا ٿي وڃي يا تڪليف محسوس ڪري، تنهنڪري جڏهن به گفتگو ڪريون آواز ۾ اعتدال جو خاص خيال رکون ته جيئن ڪنهن ٽئين کي ڪا تڪليف به نه پهچي۔ ٭ ٽيون نڪتو اهو حاصل ٿيو ته جڏهن ڪنهن کي ڪا ڳالھ سمجھائڻ مقصود هجي ته هن ڳالھ کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا دهرائڻ ۾ حرج ناهي ۽ نه ئي هن مقصد سان هڪ جملو ڪيئي ڀيرا دهرائڻ فضول گوئي جي زمري ۾ اچي ٿو بلڪه ڪنهن کي چڱي طرح ڳالھ سمجھائڻ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ڳالھ کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا دهرائڻ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري ادا آهي۔ ٭ چوٿون نڪتو اهو مليو ته بلا ضرورت گفتگو ڪرڻ کان سٺو اهو آهي ته خاموش رهيو وڃي ان ڪري جو فضول گفتگو ۾ ٿورڙي به ڀلائي نه آهي ۽ فضول گفتگو اڪثر اوقات پڇتاوي جو سبب به بڻجي ويندي آهي، پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڪثر خاموش رهندا هئا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪا پنهنجي زبان سان ذڪرُالله به نه ڪري ۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ جهڙي چڱن ڪمن کان پنهنجو پاڻ کي روڪي رکي۔
حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خاموشي مان مراد آهي دنياوي گفتگو کان خاموشي، نه ته حضورِ اقدس (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي زبان شريف الله پاڪ جي ذڪر ۾ تَر رهندي هئي، ماڻهن سان بِلاضرورت ڪلام نه ڪندا هئا، اهو ذڪر آهي جائز ڪلام جو، ناجائز ڪلام ته سڄي عمر زبان شريف تي آيو ئي نه، ڪوڙ، غيبت،چغلي وغيره سڄي عمر شريف ۾ هڪ ڀيري به زبان مبارڪ تي نه آيو۔ حضور سراپا (مٿي مبارڪ کان پيرن شريف تائين) حق آهن پوءِ پاڻ تائين باطل جي رسائي ڪيئن ٿئي۔ انب جي وڻ ۾ ڄمون نٿا لڳن، ميويدار وڻ، ڪنڊيدار وڻ نٿا ٿين۔ پاڻ فرمايائون ته جيڪو به گفتگو ڪري ته خير ڳالهائي نه ته ماٺ رهي، حضرت ابوبڪر صديق (رَضِىَ اللهُ