Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

جيڪو هي دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن. (القول البدیع، الباب الثانی، ص277)

)4( ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ

حضرت اَحمد صاوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪِن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. (افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ الثانیۃ والخمسون، ص149)

)5( قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم  کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته هيئن پڙهندو آهي. (القول البدیع، الباب الاول، ص125)

)6( دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي. (الترغیب والترهیب، ج ۲، ص ۳۲۹، حدیث ۳۱))