Book Name:Achi Aur Buri Mout
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاه آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِنۡ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا: پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: زَیِّنُوْا مَجَالِسَکُمْ بِالصَّلَاۃِ عَلَیَّ پنهنجي مجلسن کي مون تي درود پڙھي سينگاريو! فَاِنَّ صَلَاتَکُمْ عَلَیَّ نُوْرٌ لَّکُمْ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ بيشڪ توهان جو مون تي درود پڙھڻ، قيامت جي ڏينهن توهان لاءِ نور ٿيندو۔ (جامِعْ صَغِیر، حرف: زاء، صفحہ:280، حدیث:4580)
بیٹھتے، اُٹھتے، جاگتے، سوتے ہو اِلٰہی! مرا شِعَار درود
(ذوقِ نعت، صفحہ:124)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد