Book Name:Achi Aur Buri Mout
وَ اتَّقُوْا یَوْمًا تُرْجَعُوْنَ فِیْهِ اِلَى اللّٰهِۗ-ثُمَّ تُوَفّٰى كُلُّ نَفْسٍ مَّا كَسَبَتْ وَ هُمْ لَا یُظْلَمُوْنَ۠(۲۸۱)
(پاره3،سورةالبقرة:281)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ الله ڏانهن موٽندؤ ۽ هرجان کي سندس ڪمائي جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن سان ظلم نه ٿيندو.
حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: اها آيت قرآنِ ڪريم جي آخري آيت آهي جيڪا سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نازِل ٿي۔ هڪ قول جي مطابق هن آيت جي نازِل ٿيڻ کان پوءِ پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صِرف 21 ڏينهن دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا۔ (تفسیر خازن، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:281، جلد:1، صفحہ:213)
هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ ان ڏينهن کان ڊڄڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي، جنهن ڏينهن اسان کي الله پاڪ ڏانهن واپس وڃڻو آهي۔ اهو الله پاڪ ڏانهن واپس موٽڻ وارو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ هن باري ۾ مُفسِّر سڳورن جا ٻه قول آهن: پهريون: اهو ڏينهن جو جڏهن حضرت عزرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ايندا، رُوح قبض ڪيو ويندو ۽ اسان کي غُسل ۽ ڪفن ڏئي اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو۔ ۽ ٻيو اهو ڏينهن: جڏهن اها زمين ٽامي جي زمين ۾ بدلي ويندي، آسمان ويڙهيو ويندو، سج سَوا مِيل تي رهي باھ وسائي رهيو هوندو ۽ قيامت تائين ايندڙ تمام انسانن کي ٻيهر زِنده ڪري ميدانِ حشر ۾ گڏ ڪيو ويندو، اهو ڏينهن سخت خوفناڪ هوندو۔ هي اهي ٻه ڏينهن آهن، جن کان ڊڄڻ جو الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو آهي۔ (حاشِیَہ شیخ زادہ مع بیضاوی،پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:281، جلد:2، صفحہ:676)
یاد رکھ ہر آن آخر موت ہے بَن تُو مت انجان آخرت موت ہے
مرتے جاتے ہیں ہزاروں آدمی عاقِل و نادان آخر موت ہے
بارہا عِلمی تجھے سمجھا چکے مان یا مت مان آخر موت ہے