Book Name:Achi Aur Buri Mout
کي موت ايندو، جنهن ڏينهن اسان جو رُوح ڪڍيو ويندو، جنهن ڏينهن اسان سڀ ڪجھ ڏسي رهيا هونداسين پر ڳالهائي ڪجھ نه سگھنداسين، اسان کي غُسل ڏنو پيو ويندو، اسان کي ڪفن پارايو ويندو، افسوس! صد افسوس...!! اسان کي اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو، خُدا جو قسم! جيڪڏهن اسان واقعي اُن ڏينهن کان ڊڄڻ شروع ڪيون ته اسان جي جيئڻ جو انداز بلڪل بدلجي ويندو۔ الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: کَفیٰ بِالْمَوْتِ وَاعِظًا نصيحت جي لاءِ موت ئي ڪافي آهي۔ (شُعْبُ الْاِیْمَان، باب: الزہد و قصر، صفحہ:353، جلد:7، حدیث:10556) هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي دِل جي سختي جي شڪايت ڪئي، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِطَّلِعْ فِی الْقُبُوْرِوَاعْتَبِرْ بِالنُّشُوْر قبرن جي حالتن تي غور ڪريو ۽ مرڻ کان پوءِ اٿاريو وڃڻ کان عبرت حاصل ڪريو..!! (شُعْبُ الْاِیْمَان، باب: الصلاۃ علی من مات، صفحہ:16، جلد:7، حدیث:9292)
اهو آهي دِل جي سختي جو اَصل علاج، دِل تي مَرُ چڙھي ويو هجي، دِل گُنَاهن تي دلير ٿي وئي هجي، نيڪين ۾ دِل نه لڳي رهي هجي ته انسان کي گھرجي ته قبرستان وڃي، قبرن کي ڏسي، پنهنجي عزيز رشتيدار، دوست احباب، پاڙيسري، گڏ اُٿڻ ويهڻ وارا، جيڪي هن دُنيا مان هليا ويا آهن، انهن جي باري ۾ غور ڪري، انهن جي صُورت جو تصور ڪري، ياد ڪري! اهي سڀ زِندھ هئا، کائيندا پيئندا هئا، ڳالهيون ڪندا هئا، گھمندا ڦرندا هئا، انهن جون به خواهشون هيون، انهن جا به دُنيا ۾ وڏا وڏا خواب هئا پر موت انهن جي سمورين خواهشن، سمورن خوابن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، اڄ اهي قبر ۾ آهن ۽ عنقريب مون کي به اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو۔