Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

يعني حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ ڪجھ ٻيا صحابي سڳورا اهي آهن جيڪي شهيد ٿي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري جو بي چيني سان انتظار ڪري رهيا آهن۔ (خطبات محرم، صفحہ:154ملتقطاً) سُبحٰنَ الله! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ڇا ته شان آهي...! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه شهادت جو انتظار ڪري رهيا هئا، اها ڳالھ به الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ بيان فرمائي۔

سخن آکر یہاں عطار کا اِتمام کو پہنچا                        تِری عظمت پہ ناطق اب بھی ہیں آیاتِ قرآنی

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:585)

خير! 18 ذوالحجة الحرام، 35 سِنِ هجري جو 82 سالن جي عمر مبارڪ ۾ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو اهو انتظار ختم ٿيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مسلمانن جو خليفو مقرر ٿيندي 12 سال گذري چڪا هئا، مِصر جي ڪجھ ماڻهن بغاوت ڪئي ۽ ناحق سندن گھر مبارڪ جو گھيراؤ ڪيو، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اَمِيرُ المُؤمِنِين هئا، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان کين عرض به ڪيو ته اسان کي اجازت ڏيو اسان تلوار جي زَور سان انهن باغين کي هتان پري ڀڄايون ٿا پر اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه خون خرابو پسند نه ڪيو ۽ صَبر ڪندا رهيا۔ (کرامات عثمان غنی، صفحہ:3،14) آخرڪار باغين 40 ڏينهن سندن مبارڪ گھر جو گھيراؤ جاري رکيو، 40 ڏينهن تائين پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه بکيا پياسا رهيا، 40 ڏينهن پاڻ  رَضِىَ اللهُ عَنۡه روزا رکندا رهيا ۽ آخرڪار ظلم ۽ ستم سهندي، جامِ شهادت نوش فرمايائون، آخري وقت به پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه قرآنِ ڪريم جي تلاوت ۾ مَصرُوف هئا۔

رکھا محصُور ان کو، بند ان پر کر دیا پانی                          شہادت حضرت عثمان کی بےشک ہے لاثانی

خُدا بھی اور نبی بھی، خود علی اس سے ہیں ناراض            عَدُو اُن کا اُٹھائے گا قیامت میں پریشانی

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:584)

پيارا اسلامي ڀائرو! عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت جي هن پهلو مان معلوم ٿيو ته جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو الله پاڪ جي بارگاھ