Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درود شريف جي فضيلت

  حضرت عبدُ الرَّحمٰن بن عَوۡف رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: هڪ ڏينهن نبين جي سردار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دولت خاني (يعني گهر مبارڪ) مان ٻاهر تشريف کڻي آيا ۽ هڪ باغ ڏي رخ فرمايائون، حضرت عبد الرَّحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏٺو ته پويان پويان هلڻ لڳا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن باغ ۾ داخل ٿيا، ڪعبي ڏي منهن ڪيائون ۽ مٿو سجدي ۾ رکي ڇڏيائون، حضرت عبد الرَّحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنْه پري کان بيهي ڏسندا رهيا، فرمائن ٿا: بيڪسن جي مددگار، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن تمام ڊگهو سجدو ڪيو، ايسيتائين جو مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي سجدي جي حالت ۾ ئي الله پاڪ رُوۡح مبارڪ قَبۡض نه فرمايو هجي، هي خيال ايندي ئي مان اڳتي وڌيس، منهنجي قدمن جو آواز ٻڌي ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مٿو مبارڪ مٿي کنيو، پڇيائون ڪير؟ مون عرَض ڪيو: حضور! عَبدُ الرَّحمٰن. فرمايائون: ڪهڙو ڪم آهي؟ مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ توهان ايڏو ڊگهو سجدو ڪيو، مون کي خوف ٿيو ته ڪٿي الله پاڪ سجدي ۾ ئي روح مُبارڪ قبض نه فرمايو هجي عاشقِ زار جي محبت واري ڳالھ ٻڌي ڪري الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، محمّدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڊگهي سجدي جي حڪمت بيان ڪئي، فرمايائون:  مون وٽ جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام حاضر