Book Name:Khareed o Farokht Ki Chand Ahtiyatein
ڪري ڇڏيو! جڏهن به ڪو مسئلو درپيش هجي، ڪنهن خاص صورت جي باري ۾ شرعي رهنمائي وٺڻي هجي ته ڪال ڪري مفتيانِ ڪرام کان رهنمائي وٺندا ڪريو! ان سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! کوڙ سارن گناھن کان بچي ويندؤ ۽ علمِ دين جو وڏو خزانو به ملندو.
دارُ الافتاء جو نمبر: 03113993312.
اچو! خريداري ۽ وڪري جي باري ۾ ڪجھ احتياطيون ٻڌي وٺون ٿا:
(1): جهيڙن جهڳڙن واري صورتن کان بچو!
جڏهن به ڪا شيءِ خريد ڪيو يا وڪڻو، ان ۾ هڪ بنيادي احتياط هي ضرور ڪيو ته ڪابه اهڙي صورت نه بڻجي جيڪا جهيڙي جهڳڙي جي طرف وٺي ويندي هجي.
اسان جي دينِ اسلام ۾ اتحاد، اتفاق ۽ ٻڌي ۽ ڀائيچاري کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، لهٰذا خريداري ۽ وڪري جي هر اها صورت جيڪا جهيڙي جهڳڙي جو سبب بڻجي سگهندي هجي ان کان بچو! مثال طور * جيڪا شيءِ خريد ڪرڻي آهي، اها پهريان ڏسي وٺو! تسلي ڪري وٺو! * قيمت پهريان ئي طئي ڪري وٺو! * ڪڏهن ڪڏهن قيمت صاف لفظن ۾ طئي ناهي ڪئي ويندي، وڪڻڻ وارو چئي ڇڏيندو آهي: جيڪو مناسب هجي ڏئي ڇڏجو * عام طور رڪشي وغيره وارا ايئن ئي چوندا آهن، صرف ايترو چوڻ تي رڪشي ۾ سوار نه ٿي ويندا ڪيو! بلڪه باقاعده صاف لفظن ۾ڪرايو طئي ڪيو، مطلب ته : شيءِ خريد ڪرڻ يا وڪڻڻ وقت اهڙي صورت رکو جو0% به جهيڙي جو خدشو نه رهي.
توهان عدالتن جو ريڪارڊ ڏسو! کوڙ سارا مُقدما اهي ملندا جيڪي خريداري ۽ وڪري ۾ بي احتياطي ڪري پيدا ٿيندا آهن، خاص ڪري زمينن جي خريداري ۽ وڪري ۾ ته تمام گهڻو احتياط ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ته ڪڏهن