Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

  مشهور مفسرِ قرآنِ حڪيمُ الامّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني اي ابنِ آدم! تون پنهنجي دل الله پاڪ جي عبادت ۽ اطاعت جي لاءِ خالي رکُ، دَست بَڪَار، دِل بَيَار تي عمل ڪر (يعني هٿ ڪمَ جي طرف ۽ دل ربِّ ڪائنات جي طرف رکُ ته ان جي برڪت سان الله پاڪ تنهنجي غربت، محتاجي دور فرمائي ڇڏيندو). جيڪڏهن تو پاڻ کي دنيا جي فڪرن ۾ ئي لڳائي ڇڏيو، تنهنجي دل ۾ دنيا لهي وئي ته تون ڪم گهڻو ڪندين، فڪر گهڻو ڪندين پر ملندو اهو ئي جيڪو تنهنجي مقدر ۾ آهي، تون مالدار ٿي ڪري به فقير ئي رهندين. مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: الله پاڪ کان آخرت گهرو! دنيا پاڻ ئي ملي ويندي.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ تي اهي نادان مسلمان بار بار غور ڪن. جيڪي مال ۽ دولت جي خاطر نمازون قضا ڪري ڇڏين ٿا. جماعت ڇڏڻ جي گناھ ۾ مبتلا ٿيندا رهن ٿا ڪم ۾ گهٽتائي نه اچي، مالي نقصان نه ٿي، ان ڪري رمضانُ المبارڪ جا روزا قضا ڪري ڇڏين ٿا، جنهن کي دنيا جو فڪر فرض علمِ دين سکڻ کان به محروم رکندو آهي، جيڪي ماڻهو ڪاروبار (Business)، دنياوي مصروفيتن جو بهانو (Excuse) بڻائي ڪري، مال جي لالچ جي ڪري نيڪ ڪمن کان دور رهندا آهن. هاءِ! جيڪو نادان دنياوي فڪرن ۾ ئي رهندو آهي، زندگي جي اصل مقصد يعني عبادت جي لاءِ، نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ناهي ڪڍندو، اهو بَس دنيا جو ئي ٿي ڪري رهجي ويندو آهي، الله پاڪ ان کان فقيري، محتاجي کي دور ناهي فرمائيندو، ان کي ملندو اهو ئي آهي، جيڪو قسمت ۾ لکيل آهي پر ان جي زندگي فاني دنيا جي فضول فِڪرن ۾ تباھ (Destroy) ٿي ويندي آهي ۽ اهو خوش نصيب جيڪو آخرت جو فڪر ڪندو آهي، عبادت جي لاءِ  وقت


 

 



[1] مرآۃ المناجیح،جلد:7 ،صفحہ:14 -15 ۔