Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

سُٺو بدلو ضرور ڏيندو، منهنجي اجرت ان مالڪ وٽ گڏ ٿي رهي آهي. فاقن جي ماريل گهر واري جڏهن هي ڳالھ ٻڌي ته مٿس مڇرجي پئي ته هتي ڪيئي ڏينهن کان فاقا هلي رهيا آهن، ٻارن جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو ڏسي نه ٿي سگهجي. اسان ڪيئي ڏينهن کان هڪ گرھ (Morsel) تائين ناهي کاڌو ۽ تون جنهن مالڪ وٽ مزدوري ڪري رهيو آهين ان توکي اڄ به پگهار نه ڏني، هن طرح ڪيئن گذارو ٿيندو؟ گهر واريءَ جون ڳالهيون ٻڌي عابِد پريشان ٿي ويو، ٻار بُکَ جي سبب تڙپي رهيا هئا، ان جي پنهنجي حالت به  قابِل رحم (Pitiful) هئي، خير! ان سڄي رات پاسا ورائيندي گذاري ۽ اڳئين صبح وري ڪم جي لاءِ نڪري ويو، ٽئين ڏينهن به ان کي ڪٿي ڪم نه مليو، پوءِ درياء تي ويو، وضو ڪيائين ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويو. اڄ ان جي دل ڪجھ گهڻي ئي پريشان هئي، هو دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته اڄ به کاڌي پيتي جو انتظام نه ٿي سگهيو ته گهر وڃي ڪري گهر واري ۽ ٻارن کي ڪهڙو جواب ڏيندُس؟ پوءِ سندس يقين ان کي تسلي ڏني ته جنهن پاڪ پروردگار جي تون عبادت ڪندو آهين هو توکي مايوس (Disappoint) نه ڪندو. ان جي ذات تي ڪامل يقين رکُ، هو ضرور رِزق عطا فرمائيندو.

   اهو ئي سوچيندي، ربِّ ڪائنات جي رحمت ۾ اميد لڳائي سجدا ڪندي سڄو ڏينهن گذري ويو، شام ٿي ته گهر جي طرف روانو ٿيو، جڏهن دروازي جي ويجهو پهتو ته ان کي گهر جي اندران کاڌو پچڻ جي خوشبو آئي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اندر نهايت خوشيءَ جو ماحول هجي، سڀ گهر وارا خوشيءَ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. کيس يقين نه پئي آيو ته مان سچ ۾ پنهنجي گهر ۾ خوشيءَ جو ماحول محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ منهنجي گهر مان کاڌي جي خوشبو اچي رهي آهي.