Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

   بهرحال! ان دروازو وڄايو ته سندس گهر واريءَ دروازو کوليو. هوءَ تمام گهڻي خوش هئي، پنهنجي مُڙس کي ڏسندي ئي چوڻ لڳي: جنهن مالڪ وٽ تون مزدوري ڪندو آهين، اهو ته واقعي نهايت ڪريم آهي، اڄ تنهنجي وڃڻ کان بعد ان جو قاصد (Messenger) آيو هو ان اسان کي کوڙَ درهم ۽ دينار (يعني چاندي ۽ سون جا سڪا) ۽ عمده ڪپڙا ڏنا، اٽو ۽ گوشت (Meat) وغيره به ڪافي مقدار ۾ ڏنائين ۽ چئي ويو آهي: جڏهن تنهنجو مُڙس اچي ته ان کي سلام ڏجان ۽ چئجانس ته تنهنجي مالڪ تنهنجو عمل قبول ڪري ورتو آهي، ۽ هو تنهنجي ان عمل کان راضي آهي، هي ان جو بدلو آهي جيڪو تو عمل ڪيو هو جيڪڏهن تون وڌيڪ عمل ڪري ها ته تنهنجو اجر به وڌايو وڃي ها.[1]

میں ہوں بندہ تُو ہے مولیٰ                                    توُ ہے قادِر میں ناکارہ

میں منگتا تُو دینے والا                                          یااللہ!  مِری  جھولی  بھر  دے[2]

  پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رحمت تمام وڏي آهي، هو واقعي رحمٰن ۽ رحيم، مالِڪِ ڪريم آهي. ان جي حُضور مٿو جهڪائي ڪري ته ڏسو!اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهٽتائي نه رهندي. رِزق ۾ تنگي آهي، پريشانيون آهن، تڪليفون آهن، ڪجھ به آهي، پنهنجي ڪريم مالِڪ جي بارگاھ ۾ حاضري ڏيو! مسجد جو رخ ڪيو! عبادت جي لاءِ وقت ڪڍو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ٿي ويندو.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] عیون الحکایات،صفحہ:172۔

[2] وسائلِ بخشش، صفحہ:122۔