Mout Ki Yaad Kay Fawaid

Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

والدين منهنجي تربيت ئي ناهي ڪئي * استاد صاحب به ناهي سمجهايو * مسجد جو امام صاحب به نصيحت نه ڪندو هو * لهٰذا مان غلط رستي جو مسافر بڻجي ويس. عام طور تي هي ڪوڙو بهانو (Lame Excuse) هوندو آهي، پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ ماڻهو ائين چئي ڇڏيندا آهن. هلو! مڃي وٺو ٿا: اسان جي ڪنهن تربيت نه ڪئي، اسان کي ڪنهن به  نه سمجهايو پر ٿورو دل تي هٿ رکي ڪري ٻڌايو! * ڇا ڪڏهن جنازا کڄندي به نه ڏٺا؟ * ڇا ڪڏهن قبرستان جي ويجهو کان گذر نه ٿيو؟ * ڇا ڪڏهن اعلانَ نه ٻڌا: فلاڻي بن فلاڻي جو انتقال ٿي ويو؟ * ڇا ڪڏهن هي نه ٻڌو ته فلاڻي جو حادثو (Accident) ٿيو ۽ اتي ئي دم ڏنائين * فلاڻي کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ ٿوري دير پهريان هُو کلي مُسڪرائي رهيو هو ڪجھ سيڪنڊ ۾ موت جي کڏ ۾ لهي ويو؟ * ڇا ڪڏهن هي نه ٻڌو ته ڪو چاڪ چڱو ڀلو سُتو هو پر اهڙو سُتو جو وري ڪڏهن جاڳي ئي نه سگهيو، ڇا هي کڄندڙ جنازا، قبرستان ۾ وڌندڙ قبرون، روزانو جون خبرون، ڇا هي اسان کي نصيحت ناهن ڪري رهيون؟ ڪري رهيون آهن، اسان پنهنجي اکين سان جنازا کڄندي به ڏسندا آهيون، پنهنجي عزيزن (Relatives) کي خود پنهنجي هٿن سان قبرن ۾ به لاهيندا آهيون پر هاءِ!

دل ہائے  گناہوں سے بیزار نہیں ہوتا                         مغلوب  شہا  نفسِ  بدکار  نہیں ہوتا

شیطان  مُسلَّط ہے افسوس! کسی صورت                        اب صَبْر گناہوں پر سرکار نہیں ہوتا ہے

اے ربّ کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ!                            اچھّا   یہ   گناہوں   کا   بیمار  نہیں  ہوتا

گولاکھ کروں کوشش  اِصلاح نہیں ہوتی                                         پاکیزہ  گناہوں  سے  کِردار  نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹُوٹنے والی ہے        دِل  آہ!  مگر اب بھی  بیدار  نہیں  ہوتا

)وسائلِ بخشش ،  صفحہ:163۔(