Mout Ki Yaad Kay Fawaid

Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

وجهندو آهي، پوءِ مينهن وسندو آهي، اهو ٻنيءَ کي پاڻي لڳندو آهي، ان ٻج مان هڪ ننڍڙو گونچ نڪرندو آهي، هاري ان جي حفاظت ڪندو آهي، ان کي خطرو هوندو آهي ته هي ننڍڙو گونچ ڪٿي ڪومائجي نه وڃي، ان کي ڪو جانور (Animal) نه کائي وڃي، لهٰذا اهو ان جي حفاظت ڪندو آهي، پوءِ ان گونچ تي ننڍڙيون ننڍڙيون ٽاريون ڦٽنديون آهن، هاري وقفي وقفي سان انهن تي مختلف قسمن جو اسپري (ڦُوهارو) ڪندو رهندو آهي، ٻنيءَ جي چؤطرف لوڙهو (Barrier) به لڳائيندو آهي، ان جي پوري پوري حفاظت ڪندو آهي ايستائين جو فصل (Crop) بلڪل پچي تيار ٿي ويندو آهي، هاڻي هاري دلي طور تي مطمئن (Satisfy) هوندو آهي، ان کي اطمينان هوندو آهي ته هاڻي منهنجي فصل کي ڪو خطرو ناهي، بَس سڀاڻي مون کي اچڻو آهي ۽ فصل لڻڻُو آهي پر هاءِ! رات جي پهر ۾ آنڌي (Windstorm) ايندي آهي، ان فصل کي تباھ ڪري ڇڏيندي آهي.

   اسان جي زندگي جو به اهو ئي مثال (Example) آهي. اسان جڏهن ننڍا ٻارَ هئاسين، والدين اسان جي حفاظت ڪندا هئا، اسان کي کٽَ تان لهڻ جي به اجازت (Permission) نه هئي، امڙ ويهاڻو ڏئي ڪري اسان کي ويهاري ڇڏيندي هئي، پوءِ ڪجھ وڏا ٿياسين، هاڻي کٽَ تان لهي ڪري هيٺ کيڏڻ جي ته اجازت ملي پر هلڻ جي طاقت (Power) نه هئي، پوءِ هلڻ سکيو، هاڻي گهر ۾ ئي رهڻ جي اجازت هئي، والدين ڏاڪڻ (Stairs) به چڙهڻ نه ڏيندا هئا، هاڻي گهر جي دروازي تائين وڃڻ جي اجازت ٿي وئي، پوءِ اڃان ڪجھ وڏا ٿياسين، پنهنجي گهٽيءَ ۾ وڃڻ جي اجازت ٿي، پوءِ اڃان ڪجھ وڏا ٿياسين، اسڪول وڃڻ لڳاسين، پوءِ اڃان ڪجھ وڏا ٿياسين پنهنجي شهر ۾ گهمڻ لڳاسين، آهسته آهسته جوان ٿي وياسين، هاڻي پٽ پوري دنيا به گهمڻ هليو وڃي، والدين