Mout Ki Yaad Kay Fawaid

Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان کي هڪ بزرگ هي ڳالھ ٻڌائي ته حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي وصيت ڪئي ته تون موت کي ڪثرت سان ياد ڪندو ڪر، اهو توکي ٻين غمن کان آزاد ڪري ڇڏيندو. (موسوعہ ابن ابی الدنیا، الشکر للہ عزوجل،جلد:1، حدیث :165۔) * حضرت دقّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو موت کي گهڻائي سان ياد ڪندو آهي اهو 3 ڳالهين جي ذريعي عزت (Respect) ماڻيندو آهي: (1): ان کي توبھ جي توفيق جلد ملندي آهي (2): ان کي قناعت (Serenity) جي دولت ملي ويندي آهي ۽ (3): عبادت ۾ چُستي نصيب ٿيندي آهي. وڌيڪ فرمايائون: ۽ جنهن موت کي ويساري ڇڏيو اهو 3 ڳالهين ۾ گرفتار ڪيو ويندو: (1): توبھ جي تاخير (2): ضرورت جيتري رزق تي راضي نه هجڻ ۽ (3): عبادت ۾ سُستي. ( التذکرہ للقرطبی، باب ذکر الموت و الاستعداد لہ، صفحہ:9۔) * حضرتِ ڪَعبُ الاَحۡبار  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو موت کي سڃاڻي وٺندو آهي ان تي دنيا جا غم ۽ مصيبتون آسان ٿي وينديون آهن. (حلیۃ الاولیاء،جلد:6،صفحہ:43،رقم:7727۔) * ۽ حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن موت جي ياد کي دل  ۾ ويهاريو ته دنيا جون تمام مصيبتون (Hardships) ان تي آسان ٿي وينديون .(حلیۃ الاولیاء،جلد:6،صفحہ:43،رقم:7727) * هڪ خاتون امُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي بارگاھ ۾ دل جي سختي جي شڪايت (Complaint)  ڪئي ته پاڻ فرمايائون: موت کي ڪثرت سان ياد ڪنديون ڪيو تنهنجي دل نرم ٿي ويندي (موسوعہ ابن ابی الدنیا ، کتاب ذکر الموت،جلد:5،صفحہ:442، حدیث:156) * حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کان پڇيو ڇا توهان جنّت ۾ وڃڻ چاهيو ٿا؟ انهن عرض ڪيو: جي ها يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ته فرمايائون: پنهنجي اميدن کي گهٽ ڪيو، موت کي اکين جي