Mout Ki Yaad Kay Fawaid

Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

سک انهن کي پيارو هو، اهي هن طرح زندگي گذاري رهيا هئا ڄڻ انهن کي ڪڏهن مرڻو ئي ناهي۔ اهڙي طرح اهي موت کان غافل خوشين ۾ بدمست ۽ راند روند ۾ مشغول هئا، انهن جا ڪفن بازارن ۾ اچي چڪا هئا پر اهي ان کان بي خبر، دنيا جي رنگينين ۾ گم هئا، افسوس! انهيءَ بي خبري جي حالت ۾ انهن تي اوچتو موت اچي ويو ۽ اهي قبرن ۾ دفنائجي ويا، انهن جا والدين غم ۾ بيحال ٿي ويا، انهن جون بيواھ عورتون بيحال ٿي ويون، انهن جا ٻار سُڏڪندا رهجي ويا، مستقبل جي حسين خوابن جو آئينو چڪناچور ٿي ويو، اميدون تباھ ٿي ويون، انهن جا ڪم اڻپورا رهجي ويا، دنيا جي لاءِ انهن جون سڀ محنتون ضايع ٿي ويون، وارث انهن جا مال تقسيم ڪري مزي سان کائي رهيا آهن ۽ انهن کي وساري ڇڏيائون۔ ان تصور کان پوءِ هاڻي انهن جي قبرن جي حالات جي باري ۾ غور ڪيو ته انهن جا بدن ڪيئن ڳري سڙي ويا هوندا، افسوس! انهن جا حسين چهرا ڪيئن تبديل ٿي ويا هوندا، اهي کلندا هئا ته انهن جي وات مان گل ڇڻندا هئا پر افسوس! هاڻي انهن جا اهي چمڪدار ڏند ڇڻي چڪا هوندا ۽ وات ۾ پونءَ پئجي وئي هوندي، انهن جون وڏيون خوبصورت اکيون اُٻري رخسارن تي وهي آيون هونديون، انهن جا ريشم جھڙا وار ڇڻي قبر ۾ وکرجي چڪا هوندا، انهن جي سنهڙي ڊگهي نڪ ۾ ڪيڙا پئجي ويا هوندا، انهن جي گلاب جي پتين جهڙن نازڪ چپن کي ڪيڙا کائي رهيا هوندا،  نوجوانن جا طاقتور ۽ تازا جسم مٽي ۾ ملي ويا هوندا، انهن جا سمورا سَنڌ الڳ الڳ ٿي چڪا هوندا۔

 اهو تصوّر ڪرڻ کان پوءِ سوچيو ته افسوس! اهوئي حال جلد منهنجو به ٿيڻ وارو آهي، مون تي به نزع جي ڪيفيّت طاري ٿيندي، اکيون ڇت ۾ کُتل