Mout Ki Yaad Kay Fawaid

Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

هونديون، مٽ مائٽ گڏ ٿيندا، ماءُ: او منهنجا ٻچا! او منهنجا ٻچا! چئي رهي هوندي، پيءُ مون کي: او منهنجا پٽ! او پٽ! چئي سڏي رهيو هوندو، ڀينرون ادا! ادا! ڪري پڪاري رهيون هونديون، دوست آهون ۽ سڏڪا ڀري رهيا هوندا، پوءِ انهيءَ روڄ راڙي واري هولناڪ ماحول ۾ روح قبض ڪيو ويندو، ڪو اڳتي وڌي منهنجون اکيون بند ڪندو، مون تي چادر وڌي ويندي، مٽن مائٽن جي روئڻ سان ڪُهرام مچي ويندو، پوءِ غسّال (يعني غسل ڏياريندڙ) کي گھرايو ويندو، مون کي غسل واري تختي تي سمهاري غسل ڏنو ويندو ۽ ڪفن پارايو ويندو، آھ و زاري جي شور ۾ ان گهر مان منهنجو جنازو نڪرندو جنهن گھر ۾ سڄي عمر گذاري، ڪالهه جن منهنجا ناز نخرا برداشت ڪيا هئا اڄ اهي ئي منهنجو جنازو پڙهڻ کان پوءِ قبرستان ڏانهن هلندا، پوءِ مون کي قبر ۾ لاهي منهنجا مائٽ پنهنجي هٿن سان مون تي مٽي وجهندا، افسوس! پوءِ قبر جي انڌيرن ۾ مون کي اڪيلو ڇڏي سڀئي واپس موٽي ويندا۔ منهنجي دل وندرائڻ لاءِ ڪوبه اتي نه ترسندو، هاءِ! هاءِ! پوءِ قبر ۾ منهنجو جسم ڳرڻ سڙڻ شروع ٿي ويندو۔ ان کي ڪيڙا کائڻ لڳندا، اهي ڪيڙا خبر ناهي ته منهنجي ساڄي اک پهريان کائيندا يا کاٻي اک، منهنجي زبان پهريان کائيندا يا منهنجا چپ، هاءِ! هاءِ! منهنجي جسم تي ڪيتري قدر آزادي سان ڪيڙا رِڙهي رهيا هوندا، نڪ، ڪن ۽ اکين ۾ گھڙي رهيا هوندا۔ اهڙي طرح پنهنجي موت ۽ قبر جي حالات جو واري واري سان تصور ڪري پوءِ منڪر نڪير جي آمد، انهن جا سوال ۽ عذابِ قبر جو خيال دل ۾ آڻيو ۽ پاڻ کي انهن پيش اچڻ وارن معاملن کان ڊيڄاريو۔

اهڙي طرح موت جو تصور ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه دل ۾ موت جو احساس پيدا