Book Name:Qabristan Jana 3 Ki Sunnatein
چئي گفتگو ڪئي؟ (18) مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهيو يا پڙهايو؟ (19) عشاء جي جماعت کان پوءِ ٻن ڪلاڪن جي اندر اندر گهر پهتا؟ (20) مدني ڪمن لاءِ 2 ڪلاڪ ڏنا؟ (21) صداءِ مدينه لڳائي؟ (22) ٻين جي گھرن ۾ جهاتيون پائڻ کان بچيا؟ (23) گهر درس ٿيو؟ (24) مسجد درس ڏنو يا ٻڌو؟ (25) سنت جي مطابق لباس پاتو؟ (26) زُلف رکڻ جي سُنّت تي عمل ڪيو؟ (27) هڪ مٺ ڏاڙهي آهي؟ (28) گناھ ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور توبه ڪئي؟ (29) سُنّت جي مطابق ماني کاڌي؟ (30) مسلمانن کي سلام ڪيو؟ (31) سنتن تي ڪجھ نه ڪجھ عمل ڪيو؟ (32) ظهر جون چار سنتِ قَبليه فرض کان پهريان ادا ڪيون؟ (33) تهجد يا صلوٰة الَّليل ادا ڪئي؟ (34) اَوّابين يا اشراق ۽ چاشت پڙهيون؟ (35) عصر يا عشاء جون سنتِ قبليه پڙهيون؟ (36) 12 مدني ڪمن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مدني ڪم جي ترغيب ڏياري؟ (37) ٻين کان گهري ڪري شيون (مثلاً جوتا، چادر، موبائل فون، چارجر، گاڏي وغيره) استعمال ته نه ڪيون؟ (38) ڪوڙ ڳالهائڻ، غيبت ۽ چُغلي کان بچيؤ؟ (39) ڪجھ نه ڪجھ وقت”مدني چينل“ ڏٺو؟ (40) ذاتي دوستي ته نه ڪئي؟ (41) وقت تي قرض ڏنو؟ (42) عاجزي جا اهڙا لفظ ته نه ڳالهايا جنهن جي تائيد دل نه ڪندي هجي؟ (43) صفائي ۽ سليقي جو خيال رکيو؟ (44) مسلمانن جي عيبن جي پرده پوشي ڪئي؟ (45) فجر جي نمازکان بعد واري مدني حلقي ۾شرڪت ڪئي؟ (46) ڪجھ نه ڪجھ جائز ڪم کان پهريان بسم الله پڙهي؟ (47) چوڪ درس ڏنو، يا ٻڌو؟ (48) اسراف کان بچيؤ؟ (49) ٽريفڪ جي قانونن جي پابندي ڪئي؟ (50) تنظيمي طريقيڪار جي مطابق مسئلو حل ڪيو؟ (51) زبان جي گناهن کان بچيا؟ (52) فضول گفتگو سان بچيا؟ (53) مذاق مسخري، طنز، دل آزاري ۽ ٽهڪ ڏئي کِلڻ کان بچيا؟ (54) عمامو شريف ٻَڌو؟ (55) پنهنجي والدين ۽ پير و مرشد کي ايصالِ و ثواب ڪيو؟ (56) ماءُ پيءُ جو ادب ڪيو؟
قفلِ مدينه ڪارڪردگي