Book Name:Qabristan Jana 3 Ki Sunnatein
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قبرن جي زيارت ڪيو، ڇو ته ان جي ذريعي دنيا کان بي رغبتي ۽ آخرت جي ياد نصيب ٿيندي آهي.[1]
1. قبرستان وڃي مئلن کي سلام ڪرڻ.[2]
2. بيهي قبرن جي زيارت ڪرڻ.
3. قبر وٽ بيهي دعا ڪرڻ.[3]
*ميت جي پيرن جي طرف کان وڃو! (ياد رهي! اهو ان وقت آهي جڏهن پيرن جي طرف کان وڃڻ ۾ ڪنهن قبر تي پير رکڻ جو انديشو نه هجي. جيڪڏهن ان طرف کان وڃڻ ۾ ڪنهن قبر تي پير اچڻ جو شڪ به هجي ته انهي طرف نه وڃو!) *۽ هن طريقي سان سلام ڪيو: السَّلَامُ عَلَيْكُمْ دَارَ قَوْمٍ مُؤْمِنِينَ، وَإِنَّا إنْ شَاءَ اللَّهُ بِكُمْ لَاحِقُونَ وَنَسْأَلُ اللَّهَ لَنَا وَلَكُمُ الْعَافِيَةَ. * پوءِ ميت جي چهري جي طرف رخ ڪري بيهي وڃو. *پوءِ سورت يٰسين، سورت الفاتحه، سورت الاخلاص يا ڪا به سورت يا درود شريف پڙهي ان ميت کي ايصال ثواب ڪريو. *افضل اهو آهي ته ايصال ثواب ڪندي نيت سڀني مسلمانن جي ڪري ڇڏيو.
ايصال ثواب جو طريقو: سورت يٰسين، سورت الفاتحه، يا جيڪو ڪجهه پڙهڻو آهي، اهو پڙهي پوءِ هيئن دعا ڪيو: اي الله پاڪ! مون جيڪو ڪجهه پڙهيو، ان جو ثواب فلاڻي، فلاڻي (ميت جو نالو کڻو) کي پهچاءِ.
ضروري نوٽ: جيڪڏهن قبرستان جي اندر وڃڻ لاءِ جڳهه نه هجي، اندر وڃڻ لاءِ قبرن مان گذرڻو پوي، يا قبرستان ۾ نئون رستو ٺاهيو ويو هجي، جنهن