Book Name:Qabristan Jana 3 Ki Sunnatein
(1) مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2) دعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3) جائزو: 5 منٽ: ڪل دورانيو: 15 منٽ
اڄ سکڻ سيکارڻ جي مدني حلقن ۾”قبرستان وڃڻ جون 3 سنتون“ جي موضوع تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ ”ڪفر ۽ فقر کان پناھ جي دعا“ ياد ڪرائي ويندي، دعا ياد ڪرائڻ کان پوءِ اجتماعي جائزو ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
درود شريف جي فضيلت
فرمانِ آخري نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جنھن مون تي صبح ۽ شام 10,10 مرتبه درود پاڪ پڙھيو ان کي قيامت جي ڏينھن منھنجي شفاعت ملندي.[1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! قبرستان وڃڻ سُنّت آهي.[2]
وضاحت: شريعت ۾ قبرستان وڃڻ جو مقصد اهو آهي ته ماڻهو عبرت ۽ نصيحت لاءِ وڃي، اتي دفن ٿيل مئلن کي ايصال ثواب ڪري، موت، قبر ۽ آخرت کي ياد ڪري. راند ۽ تفريح لاءِ قبرستان وڃڻ، اتي ويهي اجائي ڳالهيون ڪرڻ، يا قبرستان کي رستو بڻائڻ وغيره غفلت آهي، دل جي سختي جي نشاني آهي.