Book Name:Aashiqon ka Hajj
پاڙيسري وري پريشاني جي حالت ۾ مون کي چيو ته مان ان سان ڪيئن رهي سگهندس؟ ها ان جو سفر حضرت داوٗد طائي ۽ سيدنا سلام ابو الاَحوَص رَحِمَھُمَا اللهِ تَعَالٰی سان هئڻ گهرجي ڇو ته اهي ٻئي حضرات به تمام گهڻو روئيندا آهن، انهن سان ان جي ترڪيب سٺي رهندي ۽ ملي ڪري ڏاڍو روئيندا، مون وري پاڙيسري جي همت وڌائي ۽ آخرڪار هو ان سان مديني جي سفر تي روانو ٿي ويو۔
حضرت سيدنا مُخَـوَّل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جڏهن حج کان انهن جي واپسي ٿي ته مان پنهنجي پاڙي واري حاجي وٽ ويس۔ ان ٻڌايو: الله تعاليٰ اوهان کي بهترين جزا ڏئي مون ان جهڙو ماڻهو ناهي ڏٺو ۽ جيتوڻيڪ مان مالدار هئس، پر پوءِ به غريب هئڻ باوجود اهي مون تي ڏاڍو خرچ ڪندا هئا۔ پوڙها هئڻ جي باوجود روزا رکندا هئا ۽ مون بي روزائت جوان جي لاءِ کاڌو تيار ڪندا هئا ۽ منهنجي ڏاڍي خدمت ڪندا هئا۔
مون چيو؛ اوهان ته ان جي روئڻ جي ڪري پريشان رهندا هئا، هاڻي ڇا خيال آهي؟ چيائين: شروع ۾ مان ۽ پڻ سڀ قافلي وارا به انهن جي روئڻ جي ڪثرت تي گهٻرائجي ويندا هئاسين پر آهستي آهستي ان جي صحبت جي برڪت سان اسان تي به رقت طاري ٿيڻ لڳي۔ اسان به ان سان گڏ ملي ڪري روئيندا هئاسين۔ حضرت سيدنا مُخَوَّل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چون ٿا ته ان کان پوءِ مان سيدنا بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ پنهنجي پاڙِيسري جي باري ۾ پڇيو ته فرمائڻ لڳا؛ تمام سٺو رفيق هو ذِڪرُالله ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت جي ڪثرت ڪندڙ هو ۽ ان جا ڳوڙها تمام جلد وهڻ لڳندا هئا، الله عَزَّوَجَلَّ اوهان کي بهترين جزا عطا فرمائي۔
(البحرالعميق ج۱ص ۳۰۰مُلخّصًا،از عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون ص 118)