Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ته رضاءِ الٰهي جي خاطر ان کي برداشت ڪندي صبر کان ڪم وٺون. اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان اجر ۽ ثواب جو خزانو اسان جي هٿ ايندو. انهيءَ جي مُتعلق ٻه فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو ۽ عمل جو جذبو پيدا ڪريو.

(1)    جنهن مصيبت تي صبر ڪيو ايستائين جو ان (مصيبت) کي چڱي صبر سان موٽائي ڇڏيو ته الله تبارڪ و تعالٰي ان جي لاءِ ٽي سؤ (300) درجات لکندو، هر هڪ درجي جي درميان زمين ۽ آسمان فاصلو هوندو.

(اَ لْجَامِعُ الصَّغير لِلسّيوْطِي ص۳۱۷ حديث ۵۱۳۷)

(2)    الله عَزَّوَجَلَّ ٻانهي کي تڪليف ۾ مبتلا رکندو آهي ايستائين جو اها تڪليف ان جا سمورا گناھ مٽائي ڇڏيندي آهي.

(المستدرڪ،ڪتاب الجنائز،باب المريضي ڪتب لہ من۔۔۔۔۔۔ الخ، الحديث: ۱۳۲۶، ج۱،ص ۶۶۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

عشق جو امتحان

حضرت سَيِّدُنا اسماعيلعَلَيْهِ السَّلَام حضرت سَيِّدُنا اِبراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي زوجهءِ محترمه حضرت بي بي هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي بَطَنِ مبارڪ مان پيدا ٿيا. انهن جي پيدائش کان پوءِ پاڻ (حضرت سَيِّدنا اِبراهيم) عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام تي وحي نازل ٿي ته اوهان حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا ۽حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام کي اهڙي هنڌ ڇڏي اچو جتي برپٽ ميدان ۽ خشڪ جبلن کان علاوه ٻيو ڪجھ نه هجي. حضرت ابراهيمعَلَيْهِ السَّلَام حضرت هاجره رَضِیَ اللـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا ۽ اسماعيل کي گڏ کڻي سفر فرمايو ۽ ان هنڌ آيا جتي ڪعبهءِ مُعَظمه آهي. اتي ان وقت