Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan
فڪر مند ٿيا، نه هڪ لمحي جي لاءِ سوچ ويچار ۾ پيا، نه رنج ۽ غم کان بيحال ٿيا بلڪه فورًا ئي پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جو حڪم بجا آڻڻ جي لاءِ زال ۽ ٻار کي وٺي ڪري ملڪِ شام کان مڪي جي سرزمين ڏانهن هلي ويا ۽ اُتي زال ۽ ٻار کي ڇڏي شام ملڪ واپس هلي آيا. اللهُ اَڪبَر! ان اطاعت جي جذبي ۽ فرمانبرداري جي جوش تي اسان جي جان قربان!
اي ڪاش! اسان به رضاءِ الٰهي جي خاطر اسلام جي تعليمات کي عام ڪرڻ، سُنّتون سکڻ ۽ ماڻهن ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ پاڻ به ۽ پنهنجي جان جي ٽڪرن، اکين جي تارن کي پاڻ کان جُدا ڪري ڪيئي سالن يا مهينن جي لاءِ نه بلڪه مهيني ۾ ٽن (3) ڏينهن جي لاءِ راھِ خدا ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر تي روانو ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. هفتيوار سُنتن ڀرئي اجتماع ۾ پنهنجي سمجھدار ۽ وڏن ٻارن سان گڏ پاڻ به شرڪت ڪرڻ اسان جو معمول بڻجي وڃي. ڏاڙهي شريف، عِمامو شريف ۽ ٻين سُنّتن تي عمل ڪرڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي به سُنّتن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي.
سُنَّتوں کی کروں خُوب خِدْمت |
|
ہر کسی کو دُوں نیکی کی دعوت |
نیک میں بھی بنوں اِلْتِجا ہے |
|
یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے |
(وسائلِ بخشش، ص۱۳۹)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
راضي برضاءِ الٰهي
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي پوري زندگي راھِ خداعَزَّوَجَلَّ ۾ قربانيون ڏيندي گذري. جڏهن به حڪمِ