Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي قربانين جي باري ۾ ٻڌو ۽ ضمنًا ان جي متعلق مدني گُل به حاصل ڪيا. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جن پنهنجي پوري زندگي اطاعتِ خداوندي ۽ رضاءِ الٰهي ۾ گذاري ڇڏي . وقت بوقت مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر پاڻ صبر ۽ شڪر ۽ رضاءِ الٰهي تي راضي رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ ڪڏهن به پنهنجي زبان تي شڪايت جو جملو نه آندو. اسان کي به گھرجي ته پنهنجي زندگي کي اطاعتِ الٰهي ۾ گذاريون، هر معاملي ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّتن جي پيروي ڪندا رهون. آزمائشن تي صبر ۽ نعمتون ملڻ تي شڪرِ الٰهي بجا آڻيون ته اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ ٻنهي جهانن ۾ سعادتون اسان جو مقدر ٿينديون.

مجلسِ مزاراتِ اولياءَ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُلِلّٰهِ عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، سنّتن جي خوشبو لٽائڻ ۽ علمِ دين جي روشني ڦهلائڻ ۾ مصروف آهي، دنيا جي تقريبًا 192 مُلڪن ۾ هن جو مدني پيغام پهچي چڪو آهي، سڄي دنيا ۾ مدني ڪم کي مُنظَّم ڪرڻ جي لاءِ تقريبًا 95 کان وڌيڪ شعبا قائم آهن، اِنهن مان هڪ شعبو مجلسِ مزاراتِ اولياءَ به آهي. هِن مجلس جا ذميدار اسلامي ڀائر ٻين مدني ڪمن سان گڏوگڏ بُزُرگانِ دين جي مبارڪ مزارن تي حاضر ٿي مختلف ديني خدمتون سر انجام ڏيندا آهن، مثلًا: جيتريقدر ٿي سگهي صاحبِ مزار جي عُرس جي موقعي تي اجتماعِ ذڪر و