Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

ڀرسان مَدفن ٿيا، جيڪي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڀر ۾ آرام فرما آهن۔ (الرّیاض النضرۃ فی مناقِب العَشرۃ ج ۱ص ۲۸۵، ۴۰۸، ۴۱۸، ملخصاً) الله عَزَّوَجَلَّ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

شہادت اے خدا عطاؔر کو دیدے مدینے میں
کرم فرما اِلٰہی! واسطہ فاروقِ اعظم کا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! والدين، ڀاءُ ڀيڻ، اَولاد، مال ۽ جائيداد سان مَحَبَّت انسان ۾ فِطري طور تي هوندي آهي۔ جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي اَہل و عِيال ۽ عزيزن رشتيدارن کي وساري ڇڏي يا ان جي مَحَبَّت کي دل مان ڪڍي به ڇڏي ته ان جي اِيمان ۾ ڪا خَرابي نه ايندي ۽ ان جو اِيمان بَدَستُور قائم رهندو، ڇو جو انهن ماڻهن کي مڃڻ، ان جي مَحَبَّت کي دل ۾ رکڻ، اِيمان جي لاءِ ضروري ناهي جڏهن ته رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ايمان آڻڻ، سندن تَعظِيم ڪرڻ، سندن مَحَبَّت رکڻ، ايمان جي لاءِ جُزوِلايَنۡفَڪ (يعني اهو حصو جيڪو جُدا نه ٿو ٿي سگھي) آهي، تنهنڪري مُؤمنِ ڪامل جي لاءِ ضَروري آهي ته سڀني رِشتن ۽ ڪائنات جي ہر شيء کان محبوب تَرين، ان کي سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات ہجي۔

هر شيء کان محبوب

بُخاري شريف،حديث نمبر 6632 ۾ آهي: