Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool
جي برابرحصّو ڏيان ته) وڃو پہرين توهان حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جي والد جهڙو والد آڻيو، انهن جي والدہ جهڙي والدہ، انهن جي ناني جهڙو نانو، ان جي نانيءَ جھڙي ناني، انهن جي چاچي جهڙو چاچو، انهن جي مامي جهڙو مامو آڻيو ۽ توهان ڪڏهن به نٿا آڻي سگھو۔ ڇو جو: ’’اَبُوْهُمَا فَعَلِيُّ الْمُرْتَضٰى ان جا والد عَلِي الْمُرْتَضٰي شيرِخُدا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن۔‘‘ ’’اُمُّهُمَا فَفَاطِمَةُ الزَّهْرَاء انهن جي والدہ سَيّده فَاطِمَةَ الزَّہرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا آهن۔‘‘ ’’جَدُّهُمَا مُحَمَّدُنِ الْمُصْطَفٰی انهن جا نانا محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، جَدَّتُهُمَا خَدِيْجَةُ الْكُبْرٰى انهن جي ناني سَيّده خَدِيجَةُ الْڪُبريٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن۔ عَمُّهُمَاجَعْفَرُ بْنُ اَبِيْ طَالِبٍ انهن جا چاچا حضرت جَعْفَربن اَبي طالب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن خَالُهُمَا اِبْرَاهِيْمُ بْنُ رَسُوْلِ اللہِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جا ماما حضرت اِبْراہيم بن رَسُوْلُ اللہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن خَالَتَاهُمَا رُقَيَّةُ وَاُمُّ كُلْثُوْمٍ اِبْنَتَا رَسُوْلِ اللّٰہِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ ان جي خالائون (مَاسيون) رَسُوْلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڌيئرون سَيّده رُقَيه ۽سَيّده اُمِّ ڪُلثوم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا آهن۔‘‘
(ریاض النضرۃ ،ج۱، ص۳۴۰۔ملتقطاً)
اَمِيرِ اَهلسُنت سيرتِ فارُوقي جا مَظهر
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اَمِيرُ الْمُؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو اَہْلِ بيت سان عِشْق ۽ مَحَبَّت جو نهايت ئي نرالو اَنداز آهي ته پنهنجي سَڳي اَولاد جي مُقابلي ۾ اَہْلِ بيت جي شہزادن کي ٻِيڻو عطا فرمايو۔ ان واقعي ۾ اسان جي لاءِ به هي مدني گُل مَوْجُود آهي ته اسان به ساداتِ ڪرام سان مَحَبَّت ۽ شَفْقَت سان پيش اچون ۽ انهن