Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشڪوٰة ج 1 ص 55 حديث 175)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”اَلسّلامُ عَلَيڪُم“ جي يارهن اکرن جي

سلام جا 11 مدني گل

]1[ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ]2[ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي]3[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي ]4[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي ]5[ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786) ]6[ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿين ٿيون۔ (ڪیمیائے سعادت) ]7[ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ]8[ اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون]9[ سلام جو جواب جلدي ]10[ ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي ]11[ سلام ۽ سلام جي جواب جو صحيح تَلَفُّظ